لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جا صوبائي وزير عمران خان سان ملاقات لاءِ شوڪت خانم اسپتلپهتا کين روڪيو ويو.
صوبائي وزير عمران خان سان ملاقات لاءِ پهتا هئا جن کي شوڪت خانم اسپتال جي در تي ئي روڪيو ويو.
وزيرن کي اهو چيو ويو ته اوهان جو نالو لسٽ ۾ ناهي.
وزير ڊگهو وقت انتظار ڪندا رهيا پر کين اندر وڃڻ نه ڏنو ويو.
نيٺ سمورا وزير واپس هليا ويا.
ٻئي پاسي گورنر عمران اسماعيل کي وڃڻ ڏنو ويو.
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران اسماعيل جو نالو لسٽ ۾ شامل هو