سکر: شھيد خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس ۾حسين شاهه قمبر واري جَي پٽ جو نالو شامل ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي وئي آھي
سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سرڪاري وڪيل استدعا ڪئي تھ سيد حسين شاھھ قمبر واري جي پٽ کي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، عدالت سرڪاري وڪيل جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو
وڪيل موقف اختيار ڪيو تھ قتل ڪيس ۾ استعمال ٿيل ڪار جو مالڪ ايڪسائيز رڪارڊ ۾ عطاءَ الله شاهه بخاري ڄاڻايل آهي
عدالت ريمارڪس ڏنا تھ ڪنهن کي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائڻ جاچ ٽيم جو ڪم آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي