سکر(بيورو رپورٽ) روهڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ثناءُ الله کونهارو تي پنهنجي ئي ٿاڻي تي ڪيس داخل، ايس ايڇ او گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت ڪرائي ڇڏي، ايس ايس پي سکر طرفان نوٽيس وٺندي واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، ان ڏس ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم تي ايس ايڇ او روهڙي ثناءُ الله کونهارو تي روهڙي جي رهواسڻ عورت ياسمين شيخ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چوڪي انچارج اجمل عرف ججي سميت 12 اهلڪارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي،متاثر عورت موجب ايس ايڇ او ثناءُ الله کونهارو اهلڪارن سان گڏجي رات جو دير سان گهر ۾ داخل ٿيو ۽ سندس ڀاءُ ياسين شيخ جي غير موجودگي ۾ مون سميت والده شهزادي ۽ امام زادي کي تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس اهلڪار گهر مان موٽر سا ئيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا، ايس ايڇ او شڪايت جي صورت ۾ منهنجي ڀاءُ کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن جي ايف آءِ آر ٿاڻي روهڙي تي داخل ڪئي وئي آهي، پر جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، ذريعن موجب روهڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ثناءُ الله عدالت مان گرفتاري کان اڳ ضمانت وٺي ڇڏي آهي، هوڏانهن ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺندي واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ لاءِ چار رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي آهي.