تازو ٽوئيٽر جا اختيار حاصل ڪندڙ ايلون مسڪ مائيڪرو بلاگنگ ويبسائيٽ ٽوئيٽر ۾ تبديليون آڻي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، ويريفائڊ اڪائونٽ لاءِ في رکڻ تي واهپيدارن پاران تنقيد ڪئي وئي جنهن جي سخت جواب ۾ ايلون مسڪ چيو ته جنهن کي جيڪو به ڪرڻو آهي اهو ڪري بلو ٽڪ لاءِ هر مهيني 8 ڊالرز ڏيڻ لازمي آهي.
ايلون مسڪ 27 ۽ 28 جي رات آڪٽوبر جي وچ رات ۾ ڪنٽرول سنڀاليو، هن اپريل 2022 ۾ پليٽ فارم کي 44 ارب ۾ خريد ڪيو هو.
ٽوئيٽر هٿ ايندي هن نه رڳو اڳوڻي سي اي او کي نيڪال ڪيو پر ان سان گڏ مختلف ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو.
اعليٰ اختيارين کي نوڪرين مان ڪڍڻ بعد ايلون مسڪ امڪان ظاهر ڪيو ته ويريفڪيشن جي بلو ٽڪ لاءِ واهپيدارن کي 5 کان 20 ڊالر في ادا ڪرڻي پوندي.
هر مهيني في ادا ڪرڻ وارين خبرن تي ماڻهن ايلون مسڪ تي وڏي تنقيد ڪئي پر هن تنقيد کي مڪمل نظرانداز ڪري واضح جواب ڏنو ته بلو ٽڪ لاءِ هر حال ۾ في ادا ڪرڻي پوندي.
ايلون مسڪ پنهنجي سلسليوار ٽوئيٽس ۾ وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪندي واضح ڪيو ته جنهن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري، جيتري شڪايت ڪرڻي آهي ڪري، هو روئن ٿا پر بلو ٽڪ وارن کي هر مهيني اٺ آمريڪي ڊالر مطلب پاڪستاني 2 هزار رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
هن هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته هو هر مهيني في ادا ڪندڙن لاءِ نيڪ خواهشون رکي ٿو.
هن چيو ته بلو ٽڪ وارن اڪائونٽس کان هر مهيني سندن مقامي ملڪ جي ڪرنسي موجب في وصول ڪئي ويندي جڏهن ته هر مهيني في ادا ڪندڙ اڪائونٽس هولڊرز کي ان جي عيوض سٺا فيچرز ملندا، جنهن سان هو پنهنجي فيڊ تي اشتهارن کي گهٽ سندا.
ايلون مسڪ ٻڌايو ته في ادا ڪندڙ اڪائونٽس کي وڏي وڊيو ٽوئيٽ ڪرڻ کانسواءِ کين آڊيو ڪلپس به ٽوئيٽ ڪرڻ جي فيچرز تائين پهچ ڏني ويندي.
هن موجب في ادا ڪندڙن کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويندون کين جتي مينشن ڪيو ويندو ان جو فوري نوٽيفڪيشن ويندو جڏهن ته پيغام يا ريپلائز تي مينشن ڪرڻ تي به کين فوري آگهي ڏني ويندي.
ايلون مسڪ جو چوڻ آهي ته في وصولي جي نظام سان ڪانٽينٽ ڪريئٽرز کي به پليٽ فارم سان سٺو معاوضو ڏيڻ جي قابليت ٿيندي ۽ انهن لاءِ موقعا پيدا ڪيا ويندا جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ وضاحت ناهي ڪئي.
ايلون مسڪ جي تازين ٽوئيٽس مان اندازو لڳايو ٿو وڃي ته ٽوئيٽر تي ويريفائڊ اڪائونٽس هولڊرز کان هر مهيني 20 ڊالز جي جڳهه تي 8 ڊالرز ورتا ويندا.
جڏهن ته اهو واضح ناهي ته هر مهيني اها فيس برانڊز يا ادارن کان وڌيڪ وصول ڪئي ويندي يا سڀين اڪائونٽس کان هڪ جيتري وصول ڪئي ويندي.