صوبائي وزير صنعت ۽ تجارت ڄام اڪرام الله ڌاريجو پنهنجي آفيس ۾ شهري وفد سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان جي لانگ مارچ جو مقصد ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو صرف اقتدار حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، تحريڪ انصاف پنهنجي دور ۾ عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، هن چيو ته عمران خان هاڻي عوام ۾ ادارن خلاف نفرت پيدا ڪري رهيو آهي،سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ملڪ جو عوام اهڙي سازشي عناصرن کي رد ڪري ڇڏيندو، پيپلزپارٽي ملڪ کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي.