يپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته عمران خان جي لانگ مارچ سان اسان جي حڪومت نه ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ۾ شريڪ ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته عمران خان وٽ اڪثريت آهي ته هو بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪري، اسان ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،هن چيو ته لانگ مارچ ۽ ڌرڻو ته عمران خان پهريون به ڊي چوڪ تي هنيو هو ۽ ڪيترائي مهينا هليو هو، پر ڇا ان سان نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي هئي، لانگ مارچ انهن جو جمهوري حق آهي، پر انهن طرفان هٿيارن جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن اهڙي صورتحال ۾ حڪومت بد امني، خونريزي کي روڪڻ لاءِ قدم ته کڻندي، هن وقت ڊي چوڪ تي ريڊ زون ايريا بڻجي ويو آهي، هو لانگ مارچ ڀلي ڪن پر امن امان جو به خيال رکن، هن چيو ته برسات جو بيٺل پاڻي ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي، هاڻي ته ٿڌ به شروع ٿي وئي آهي، جتان پاڻي ڪڍيو ويو آهي اتي آبادگارن پوکون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جلد صورتحال بهتر ٿيندي.