سکر پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس طرفان خانگي ٽي وي جي سينئر رپورٽر صدف نعيم ۽ خانگي چينل جي سينئر اينڪرپرسن ارشد شريف شهيد جي روح کي ايصال ثواب پهچائڻ لاءِ سکر پريس ڪلب ۾ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو.ان موقعي تي شهيد صحافين جي مغفرت لاءِ اجتماعي دعا گهرائي وئي،سکر جي سينئر صحافين، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سهتو، جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي، پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي، امداد بوزدار، محمد زمان باجوا ۽ ٻين صدف نعيم جي صحافتي ميدان ۾ منفرد ڪارڪردگي کي ساراهائيندي کين بهادر عورت رپورٽر قرار ڏنو جيڪا پنهنجا فرض نڀائيندي شهيد ٿي، صحافي اڳواڻن جو چوڻ هو ته واقعي تي جيترو افسوس ڪيو وڃي گهٽ آهي، صدف نعيم هڪ متحرڪ ۽ محنتي رپورٽر هئي، اسان سندس گهرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪريون ٿا. هوڏانهن ضلعي جي صحافين صحافتي ڪارو ڏينهن ملهائيندي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب آڏو مظاهرو به ڪيو، سکر پريس ڪلب آڏو سکر يونين آف جرنلسٽس طرفان سکر ۽ ڀرپاسي جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ صحافين، فوٽو گرافرن، ڪيئمرامينن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، مظاهري جي اڳواڻي ايس ايو جي ، جي صدر سليم سهتو، جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي، سکر پريس ڪلب جي شهزاد تاباڻي، سيفما سکر جي صلاح الدين قريشي، ايف اي سي (پي ايف يو جي) جي ميمبر امداد بوزدار ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي صحافي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ارشد شريف جو قتل صحافت جو قتل آهي،حڪومت کي گهرجي ته نوٽيس وٺندي واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي ۽ ملوث جوابدارن کي سامهون آڻي صحافي برادري ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.