واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)وائيٽ هائوس سعودي عرب کي ملندڙ ايراني ڌمڪين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو آهي ته فوجي ذريعن ذريعي سعودي عرب سان لڳاتار رابطي ۾ آهيون، خطي ۾ پنهنجي مفادن ۽ شرڪت ڪندڙن جي بچاءَ واري قدمن کان پاسو نه ڪنداسين.
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي هڪ رپورٽ موجب سعودي عرب ايراني ڌمڪين جي انٽيليجنس آمريڪا سان شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ سعودي عرب ۾ ڪجهه هنڌن تي حملي بابت خبرداري ڏني وئي آهي.