ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ترين ميچ ۾ ڀارت دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنگلاديش کي 5 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ايڊيليڊ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو، پهريان کيڏندي ڀارت مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان ويرات ڪوهلي 64 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، راهول 50، سوريا ڪمار ياديو 30 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي حسن محمود 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪپتان شڪيب الحسن 2 شڪار ڪيا.
جواب ۾ بنگلاديش جي اوپنرن جارحاڻي راند کيڏي ۽ 7 اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان تي 70 رنسون ٺاهي ورتيون ته برسات شروع ٿي وئي، ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت بنگلاديش کي 16 اوورن ۾ 151 رنسن جو هدف مليو پر بنگلاديش جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 145 رنسون ٺاهي سگهي.
لٽن داس 60 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، نور الحسن 25، نجم الحسين 21 ۽ شڪيب الحسن 13 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان ارشديپ سنگهه ۽ هارديڪ پانڊيا 2-2 وڪيٽون ورتيون.