لکي (رپورٽ علي گل مهر) لکي غلام شاه جي ڳوٺ ڀرڪڻ ۾ قائم يوٽلٽي اسٽور جي انچارج خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، احتجاج دوران مظاهرين الظام مڙهيندي چيو ته اسٽورانچارج کان ڪجه پڇون ٿا ته هو اسان کي سامان ڏيڻ کان انڪارڪري شناختي ڪارڊ کي اڇلائي پيو ڇڏي، مظاهرين چيو ته اسٽور ٻاهران بيٺل عورتن ۽ مردن جي تذليل ڪئي پئي وڃي، هنن داهيندي چيو ته يوٽلٽي اسٽور انچارج اسٽور مان اسان کي ڪو به سامان نه پيو ڏئي شهرين داهون ڪندي چيو ته اسٽور انتظاميا کي هنن خلاف نوٽيس وٺڻ گهرجي، مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، ڊي جي نيب يوٽلٽي اسٽور چيئرمين سميت ٻين لاڳاپيل اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته اهڙي معاملي جو نوٽس وٺي ڪرپٽ يوٽلٽي اسٽور جي انچارج خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سندس جاءِ تي ڪو ٻيو ايماندار آفيسر مقرر ڪري اسان ۾ پکڙيل مايوسي ۽ بيچيني کي خطم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.