مٽياري ۾ جسقم تعلقي مٽياري جي نوجوانن پاران مٽياري پريس ڪلب آڏو ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي انجنيئرن جي بي رحماڻي قتل خلاف جسقم تعلقي مٽياري جي صدر ذوالفقار ڏيٿو، اشفاق علي برهماڻي ، عمير ميمڻ، امين جسڪاڻي، مھتاب علي ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين تي مختلف قسم جا الزام هڻي ماريو پيو وڃي پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي , مظاهرين طرفان مڇر ڪالوني جي واقعي ۾ ملوث دهشتگردن خلاف سخت ڪاروائي جي گهر ڪئي