ٺل جي موسیٰ الله آباد شاخ جي پل گذريل هڪ سال کان وٺي ٽٽل،پل ٽٽل هئڻ جي ڪري 50 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي مشڪلاتون،اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف،اعليٰ اختيارين وٽ دانهڻ جي باوجود تدارڪ نه ٿي سگهيو، ڳوٺاڻن پاران پل تعمير ڪرائڻ جو مطالبو،خبر موجب ٺل جي تعلقي اسپتال روڊ تي واقع موسيٰ الله آباد شاخ وٽ لڳل پل وايا طالب شاهه روڊ گذريل هڪ سال کان وٺي ٽٽل آهي،جنهن ڪري ڳوٺ ڪريم بخش گولو،ڳوٺ علي بخش ٻرڙو،علي شير ٻرڙو،طالب شاهه سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين کي ٺل شهر اچڻ وڃڻ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي،موسيٰ الله آباد شاخ جي پل هڪ سال اڳ ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن جي مرمت جي لاءِ رهواسين ڪافي ڀيرا احتجاج ڪيا ويا اختيارين پاران هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ٽٽل پل جي مرمت ناهي ڪرائي وئي،جنهن ڳوٺاڻن کي تڪليف ٿي رهي آهي،جڏهن ته موسيٰ الله آباد شاخ جي پل ٽٽل هئڻ جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، پل جي وچ تي کڏو هئڻ جي ڪري موٽر سائيڪل سميت ٻيون سواري کڏي ۾ ڪري پئي ٿي جنهن ڪري مرد توڙي ٻارڙا زخمي ٿي رهيا آهن،مڪاني چونڊن جي دوران چونڊيل نمائندن پاران پل جي مرمت ڪرائڻ جو واعدو ڪيو ويو هو پر ان واعدي تي عمل نه ٿي سگهيو آهي،ان سلسلي ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين اقبال،غلام حسين،شعيب احمد،وسيم،آصف ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺن ڏانهن رستي جي موسيٰ الله آباد شاخ تي قائم پل گذريل هڪ سال کان ٽٽل آهي جنهن ڪري اچڻ وڃڻ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي،اسان چونڊيل نمائندن توڙي ڪامورن آڏو ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي پر ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي،مڪاني چونڊن جي دوران چونڊيل نمائندن پل جي مرمت ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي،پل ٽٽل هئڻ جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن،هنن مطالبو ڪيو ته موسيٰ الله آباد شاخ تي واقع پل جي مرمت ڪرائي وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون.