يرپورخاص 31 آڪٽوبر 2022 تيز گام رحيم يار خان واقعو ملڪ جي تاريخ ۾ ٽرين جو سڀ کان وڏو واقعو ھو ان حادثي جي شھيدن کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهجي جيڪي دين جي تبليغ لاءِ رائونڊ پنجاب وڃي رھيا ھئا شھيد زندھ آھن انھن کي مرده نه چئو ان ڳالهه جو اظھار ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ ايوان صحافت ميرپورخاص ۽ سماجي اڳواڻ چودري نظام الدين آرائين جي سھڪار سان مقامي حال ۾ شھيدن جي ياد ۾ قرآن خواني ۽ ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ھن چيو ته ٽرين حادثي ۾ ميرپورخاص جا تقريبن 50 ماڻھو شھيد ٿيا اھا انھن جي وارثن لاءِ ھڪ آزمائش جي گھڙي ھئي الله پاڪ انھن کي صبر ۽ جميل عطا ڪري اسان شھيدن جي ان ڏک ۾ انھن سان گڏ آهيون ھن چيو ته اسان جي معلومات مطابق ان واقع ۾ 77 ماڻھو شھيد ٿيا ميرپورخاص جي 42 شھيدن جي وارثن کي ريلوي کاتي پاران 15, 15 لک روپيه ڏنا ويا آهن جڏھن ته 8 شھيدن جي وارثن کي ھن وقت تائين اھا رقم ناھي ملي انھن لاءِ ريلوي جي بالا آفيسرن کي خط لکي ڪوشش ڪئي ويندي جڏھن ته سنڌ حڪومت پاران ميرپورخاص جي 50 شھيدن جي وارثن کي ملندڙ نوڪرين جي اعلان مطابق انتظاميه پاران انھن لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون ته جيئن وارثن کي سنڌ حڪومت جي اعلان مطابق ھڪ ھڪ نوڪري ڏياري وڃي ان موقع تي مولانه عبداللہ، مولانه ہارون، قاري ڪامران، مولانه حفيظ الرحمان فيض ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته اسان مان ھر شخص جو موت جو وقت مقرر آهي جنھن کي ڪير به ٽاري نه ٿو سگهي جڏھن ته چنڊ تارن سميت دنيا جي ھرشي کي ختم ٿيڻو آهي جيڪي ماڻھو دين جي راه ۾ شھيد ٿيا آھن اھو انھن جي وارثن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي جڏھن ته ھڪ شھيد ڪيترن ئي ماڻھن کي جنت ۾ وٺي ويندو آهي ان موقع تي ايس ايس پي ميرپورخاص چودري اسد علي، ڊائريڪٽر انفارميشن حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر اون فارم واٽر مينيجمينٽ نعمان ھاليپوٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص محمد حسن کوسو، يوسي چيئرمين محمد علي، سرھندي خاندان جي پير زبير جان سرھندي، محمود صابري، انجمن تاجران جي امين ميمڻ، انيس الرحمان شيخ، آل پرائيويٽ اسڪولز ايسو سيئيشن جي فيصل خان زئي، ايوان صحافت ميرپورخاص جي محمد ھاشم شر، فلڪ شير، اظھر ڇھڊر، مختيار ڪيريو ۽ ٻيا موجود هئا تقريب ۾ سماجي اڳواڻ چوڌري نظام الدين پاران ميرپورخاص جي گمشده 8 شھيد خاندانن جي وارثن کي 14، 14لک جي لاڳت جي پلاٽ جا ڪاغذات ڏنا ويا.