سنڌ زرعي يونيورسٽي جي استادن ۽ آفيسرن مسئلن جي حل لاءِ ڪالھ 28 ڏينهن به جاري رهيو، يونيورسٽي جي استادن ۽ آفيسرن يونيورسٽي جي آئي ٽي فيڪلٽي اڳيان احتجاج جاري رکيو، اھڙي طرح ريڊ اي ڀٽو ايگريڪلچر ڪاليج ڏوڪري ۾ به احتجاج ڪيو ويو، تفصيل موجب سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي استادن ۽ آفيسرن پاران ٽيچرس آفيسرس جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان پنھنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ اٺاويهين ڏينهن به احتجاج جاري رهيو، استادن ۽ آفيسرن پاران آئي ٽي سينٽر جي سامھون علامتي بک ھڙتال ڪئي، جنھن ۾ ايڪشن ڪاميٽي جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ظھور حسين سومرو، ڊاڪٽر ظهيرالدين ميراڻي، پروفيسر سعيد حيدر گھلو، رياست علي ڪٻر، پرويز پتافي، غلام حيدر جويو، عبدالقادر چانڊيو، نياز سومرو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي استادن، آفيسرن ۽ رٽائرڊ استاد ۽ آفيسرن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران وڌايل پگھارون چار مھينا گذرڻ باوجود ادا نه ٿيون آھن، يونيورسٽي جيڪا ڪروڙن جي فائدي ۾ ھئي، ھاڻي اھا يونيورسٽي ھڪ ارب روپين کان مٿي جي قرضي ٿي چڪي آھي، هنن مطالبو آھي ته فوري طور تي خساري جي سبب ۽ ذميوران جو پتو لڳائڻ لاءِ جوڊيشل انڪوائري ويھاري وڃي ۽ ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ھنن چيو ته رٽائرڊ آفيسرس ۽ استادن جي ڪميوٽيشن سال 2018 کان ادا ناھي ڪئي ويئي، ان کان علاوه ٽيليفون الائونس، آرڊلي الائونس ۽ ٻيا مختلف رھيل ڊفرنس به ادا ناھن ڪيا ويا، اھڙي ريت آفيسرن جو ٽائيم اسڪيل ۽ پروموشن لاءِ سليڪشڻ بورڊ به هٿ وٺي روڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي يونيورسٽي جي ماتحت زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي استادن ۽ آفيسرن به مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪيو ويو، جنھن ۾ پروفيسر محمد علي سانگي، تاج محمد ساريو، نور احمد ساريو، اطھر عباسي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.