پرٿ (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي گروپ 2 ۾ ٽاپ پوزيشن تي اچي وئي.
پرٿ ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهي سگهي.
سوريا ڪمار يادو 68 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي پر ٻيو ڪو بيٽر وڏي اننگز نه کيڏي سگهيو.
ڪي ايل راهول 9، روهت شرما 15، ويرات ڪوهلي 12، هارديڪ پانڊيا 2، دنيش ڪارٿڪ 6، ايشون 7 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ديپڪ هودا ۽ محمد شامي کاتو ئي نه کوليو.
ڏکڻ آفريقا طرفان لنگي نگيڊي 4، پارنيل 3 ۽ نورجي هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڏکڻ آفريقا گهربل هدف ڊيوڊ ملر جي 59 ۽ ايڊن مارڪرم جي 52 رنسن جي مدد سان 2 بال اڳ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
گروپ 2 ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 5 پوائنٽن سان ٽاپ پوزيشن تي اچي وئي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم 4 پوائنٽن سان ٻئي، بنگلاديش 4 پوائنٽن سان ٽئين، زمبابوي 3 پوائنٽن سان چوٿين، پاڪستان 2 پوائنٽن سان پنجين ۽ نيڌرلينڊ جي ٽيم سڀئي ميچون هارائي آخري نمبر تي آهي.