ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سياست ۾ اهم تبديلين جو امڪان آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيرپاڳاري وچ ۾ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ملاقات جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پراڻن دوستن وچ ۾ ويڇا ختم ڪرڻ ۾ گڏيل دوستن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
آصف علي زرداري ۽ پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) جو سربراهه پير صبغت الله راشدي پيرپاڳارو پراڻا دوست آهن.
ملاقات ۾ سنڌ جي مستقبل جي سياست لاءِ اهم فيصلا ڪري سگهجن ٿا.
ٻئي اڳواڻ جلد ڪراچي ۾ ملاقات ڪندا.
گذريل ڏينهن گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري پيرپاڳاري سان ملاقات ڪئي هئي.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين ون ٽو ون ملاقات ٿي ۽ سنڌ جي گورنر پير پاڳاري کي اهم شخصيت جو پيغام پهچايو.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته سنڌ ۾ سندس سياسي ۽ روحاني ڪردار آهي، ادارن سان ٽڪراءُ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي.
پيرپگاري چيو ته اسلام ۽ پاڪستان جو مفاد سڀ کان پيارو آهي، سياسي قوتن کان شڪايتون ٿي سگهن ٿيون، اسان سڀني کي گڏ کڻي هلون ٿا.
پيرپاڳاري گورنر کي يقين ڏياريو ته منهنجي پارٽي اوهان سان گڏ آهي، سڀني کي گڏ کڻي هلو، سنڌ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪريو.
گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته هو سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪندا.