لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي مداح جي اڻ وڻندڙ رويي جو انڪشاف ڪيو آهي.
حريم شاهه پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، ان دوران هن ڪيترن ئي ماڻهن تي ڳالهايو. لچسپ موضوع ۽ تکن سوالن جا جواب ڏنائين.
حريم شاهه جي فين مومينٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن پاڻ سان پيش آيل اڻ وڻندڙ واقعن جو به انڪشاف ڪيو.
هن چيو ته هو چترال ۽ هنزه جي علائقن ڏانهن هئي ته جڏهن هو گاڏي مان لٿي ته اتي موجود ڪجهه ماڻهن سيلفي وٺڻ شروع ڪئي.
ان ئي وقت هڪ بظاهر بااخلاق نظر ايندڙ شخص سندس ويجهو آيو ۽ تصوير ڪڍڻ بدران سندن ڳٽي تي چمي ڏنائين پر هو چمي ڏيڻ کان پوءِ ڀڄي ويو
حريم شاهه چيو ته اتي موجود ماڻهن به ان شخص کي گهٽ وڌ ڳالهايو جو اها غيراخلاقي حرڪت ڪئي.