سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڇر ڪالوني واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قاتلن کي جلد انجام تي پهچايو ويندو.
سيد مراد علي شاهه پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان گڏ سيوهڻ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ حضرت لعل شهباز قلندر تي مزار حاضري به ڀري.
پنجاب جي گورنر سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ جو عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، مان پنجاب جي دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن مدد ڪئي.
هن چيو سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪالي جلد کان جلد يقيني بڻائي وڃي ته جيئن معمول جي زندگي بحال ٿي سگهي.
ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ پيش آيل واقعي تي وڏي وزير افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته تمام جلد قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.