لاھور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان گڏيل طور تي آرمي چيف مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪئي، مهينو اڳ هڪ ڪاروباري شخصيت ذريعي ڳالهين لاءِ نياپو اماڻي چيو ته نئون آرمي چيف منهنجي مشاورت سان لڳايو، جنهن لاءِ ٽي نالا توهان ڏيو
ٽي نالا اسان ڏيون ٿا، پوءِ هڪ نالي تي اتفاق ڪنداسين، مون سندس اِها آڇ رد ڪري ڇڏي ۽ جواب ڏنو ته آرمي چيف جي مقرري هڪ آئيني معاملو آهي، جنهن تي ڪا مشاورت ناهي ڪرڻي، آرمي چيف جي مقرريءَ جو آئيني اختيار وزيراعظم کي ڏنو آهي
وزيراعظم شھباز شريف يوٽيوبرز ۽ وي لاگرز کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان ڏائڻ به ٽي گهر ڇڏي ڏيندي آهي، عمران خان گڏيل مشاورت سان آرمي چيف مقرر ڪرڻ لاءِ زور ڀريو مهينو اڳ هُن ڪاروباري شخصيت ذريعي نياپو اماڻيو، عمران خان چيو ته ٽي نالا آئون ٿو ڏيان ۽ ٽي نالا اوهان ڏيو، پوءِ هڪ تي اتفاق ڪيو
وزيراعظم شھباز شريف موجب مون کيس جواب ۾ چيو ته آرمي چيف مقرر ڪرڻ وارو معاملو آئيني آهي، مشاورت ناهي ڪرڻي، جيڪو وطن ناهي اُهو ڪنهن جو به ناهي، عمران نيازي جهڙا ڪم جانور به ناهي ڪندو
جنهن اداري عمران خان کي پاليو، اڄ انهن جي ئي خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي، عمران خان، ڏانئڻ به ٽي گهر ڇڏي ڏيندي آهي
عمران جو مارچ خوني آهي، علي امين گنڊاپور جي آڊيو سامهون اچڻ بعد واضح ٿي ويو آهي، ڌڪي اسٽارٽ به گاڏي هلي پوندي آهي پر عمران خان نه ٿو هلي سگهي
عمران خان تحفي ۾ مليل گهڙي بازار ۾ وڪڻي ڇڏي، عمران خان پنھنجي حڪومت دوران ملڪ کي تباھ ڪيو، ھاڻ بھ عمران خان ملڪ کي تباھي ڏانھن ڌڪي رھيو آھي