پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، وزيراعظم شھباز شريف پاران آرمي چيف جي مقرري بابت ڏنل بيان تي رد عمل جو اظھار ڪيو آھي
آزادي مارچ جي ٽئين ڏينھن مريدڪي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ ھو ته شهباز شريف! مان بوٽ پالش ڪندڙن سان ڳالهيون نه ڪندو آهيان، مان انهن سان ڳالهيون ڪيون جن سان ملڻ لاءِ تون گاڏيءَ جي ڊگي ۾ ويهي ملڻ ويندو آهي
عمران خان لانگ مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته مون انهن سان ڳالهيون ڪيون جيڪي تو کي اشارن تي هلائي رهيا آهن، شهباز شريف مان تو ڏي پيغام ڇو موڪليندس، تو وٽ ڇا آهي جو تو سان ڳالهيون ڪجن؟
عمران خان جو چوڻ ھو ته مان هڪ آزاد ماڻهو آهيان، مري ويندس پر غلامي قبول نه ڪندس، ادارن جي خلاف نه آهيان، تعميري تنقيد جاري رکندس، ڪنهن به اداري کي قانون ٽوڙڻ جو اختيار نه آهي، عدليه شهباز گل ۽ اعظم سواتي تي تشدد جي واقعن جو نوٽيس وٺي