آئين ،قانون ۽ ضابطن کانسواءِ هلندڙ معاشرا ڪڏهن به مهذب نه ٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي وري انهن ۾ ڪنهن کي انصاف ملي سگهي ٿو.جڏهن ادارا ۽ انصاف ڪندڙ ۽ قانون لاڳو ڪرائڻ جا ذميوار پنهنجا فرض ايمانداري سان نه نڀائيندا آهن ته هر ماڻهو پاڻ قانون بڻجي ويندو آهي ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ لڳندو آهي.اهڙا معاشرا جهنگ جي قانون وانگر“ جيڪو ڏاڍيو سو گابو” جي چوڻي جو عملي نمونو هوندا آهن جنهن جي هٿ ۾ طاقت هوندي آهي قانون به انهي جو هلندو آهي ته ان جي ڳالهه ئي انصاف هوندي آهي جنهن ڪري هر شخص پاڻ کي طاقتور بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڀلي اها طاقت جائز طريقي سان ملي يا ناجائز طريقي سان ان جي کين ڪا پرواهه نه هوندي آهي .بس ان جو اول ۽ آخر مقصد اها طاقت حاصل ڪرڻ هوندو آهي. جنهن ڪري ئي معاشري ۾ نه انصاف وڌي سگهندو آهي نه ئي ڪير قانون جي پوئيواري ڪندو آهي جنهن سان ئي ڏوهه به وڌندا آهن ته معاشرا بگڙڻ به شروع ڪندا آهن.
ڪراچي ۾ ٿيل هڪ سانحي جهڙي واقعي اسان جي معاشري تي ڪيترا ئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ته ڇا اسان مهذب معاشري چورائڻ جي لائق به آهيون جتي ڪنهن به جٿي کي اها اجازت آهي ته ڪنهن به بيگناهه تي الزام هڻي بنا سوچڻ سمجهڻ جي ان جي حياتي به کسي ڇڏيون؟ڪيتري وقت کان وٺي ڪجهه اهڙا واقعا ٿيا آهن جتي هجوم پاڻ ئي فيصلو ڪري ماڻهن جون حياتيون کسي ڇڏيون آهن پر انهن جٿن ۽ هجومن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري ڏينهون ڏينهن اهڙا واقعا وڌي رهيا آهن. رڳو ٻن ڏينهن ۾ ٻن واقعن ۾ ٽي قيمتي حياتون کسيون ويون آهن .انهن بيگناهه مارجي ويل ماڻهن جو قاتل ڪير آهي؟ اهو هجوم جنهن انڌي نفرت ۾ بنا سوچڻ سمجهڻ جي اها ڪارروائي ڪئي يا اهو نظام ۽ قانون جيڪو اهڙيون ڪارروايون بار بار ٿيڻ جي باوجود به حرڪت ۾ نه ٿو اچي ۽ هجوم يا جٿا قانون هٿ ۾ کڻي قتل ڪرڻ کان به نه ٿا مڙن . ڪراچي جهڙي عالمي شهر ۾ ٻن ڏينهن اندر ٻه واقعا ٿيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي توڙي جو اهي ٻئي واقعا مختلف نوعيت جا آهن پر انهن ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته هجوم ذريعي ماڻهن جون حياتيون کسيون ويون. جتي هڪڙو عنصر هجوم طرفان پاڻ قانون بڻجي فيصلو ڪرڻ وارو آهي ته ٻيو عنصر اها نفرت آهي جيڪا اتان جي مقامي سياسي قيادتن پنهنجي مخصوص مفادن لاءِ پيدا ڪئي آهي ،جنهن ۾ ٻين شهرن مان ڪراچي ايندڙن کي ڏوهاري ۽ڦورو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن جو تازو مثال انهن ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن بابت انهن اڳواڻن جا بيان آهن جيڪي صوبائي حڪومت ۾ به شامل آهن ته ڪراچي جي مختلف سياسي پارٽين جا به اڳواڻ آهن جيڪي انهن ٻوڏ متاثرن کي ڏوهاري ۽ ڦورو ڪري پيش ڪري رهيا هئاجيڪي بي گهر ٿيڻ سبب پنهنجي ۽ خاندان جي حياتي بچائڻ لاءِ ڪراچي پهتا هئا.گهڻي وقت کان ڪراچي ۾ لساني سياست ڪندڙ ڪي مخصوص ڌريون ڪراچي ايندڙ سنڌ جي ٻين شهرن جي رهواسين ۽ ڳوٺاڻن خلاف اها نفرت پيدا ڪري رهيا آهن ته اهي ڦورو ۽ ڏوهاري آهن جيئن سندن لساني سياست کي هٿي ملي سگهي ۽ اهڙا واقعا انهن جي سياست لاءِ آڪسيجن جو ڪم ڪري رهيا آهن. هاڻي ته حڪمران جماعت جا ڪراچي جا اڳواڻ به اهڙي بيهوده سياست تي لهي آيا آهن جن اهڙا بيان ڏئي سنڌين خلاف نفرت جو ٻج ڇٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته اهو قانون جي عملداري نه هجڻ جو نتيجو آهي جو اهڙي قسم جا واقعا ٿي رهيا آهن.جيڪڏهن اڳ ۾ هجوم هٿان قتل ٿيل ماڻهن کي انصاف ملي ها ته هي واقعا نه ٿي سگهن ها.هي واقعا سنڌ حڪومت ،سنڌ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي سوال آهن ته ڇو اهي پنهنجا فرض پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن جو اهڙا واقعا بار بار ٿي رهيا آهن ۽پنهنجي خصيص سياسي مفادن لاءِ اهڙي قسم جي نفرت پيدا ڪندڙ ڪيئن ڪارروائي کان آجا آهن؟ هي ڪي معمولي واقعا نه آهن ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته صوبي ۾ قانون جي عملداري يا قانون جي رٽ باقي نه رهي آهي ۽ جنهن کي جيڪو وڻي سو ڪري سگهي ٿو ۽ قانون ان خلاف حرڪت ۾ نه ٿو اچي سگهي. تنهن ڪري سنڌ حڪومت ان تي سنجيدگي سان سوچي انهن واقعن پٺيان ڪردارن کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.