اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي لانگ مارچ جي حوالي سان بندوقون ۽ ماڻهو آڻڻ بابت اسد خان نالي شخص سان ڳالھه ٻولھه واري آڊيو سامهون آئي آهي، وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله ڪي پي ڪي حڪومت کان علي امين گنڊاپور ۽ اسد خان نالي شخص کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي
وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله علي امين گنڊاپور جي آڊيو پريس ڪانفرنس دوران پيش ڪئي، جنهن ۾ علي امين گنڊاپور هڪ شخص کان پڇي رهيو آهي ته ڇا پوزيشن آھي جنهن جي جواب ۾ کيس اهو شخص چوي ٿو ته سر پوزيشن اي ون آھي اوهان ٻڌايو جنهن بعد علي امين گنڊاپور چوي ٿو ته بندوقون ڪيتريون آهن، لائسنس ڪيترا آهن، جنهن تي ٻيو شخص چوي ٿو ته تمام گهڻيون آهن،لائسنس به گهڻا آهن، علي امين گنڊا پور پڇي ٿو ته ماڻهو؟
جنهن تي ٻيو شخص ٻڌائي ٿو ته ماڻهو به جيترا چاهيو هوندا سر، علي امين گنڊاپور چوي ٿو ته اڇا اسان هتي ويجهو ئي ڪالوني ۾ ڪيمپ لڳائي رهيا آهيون، جنهن تي سامهون وارو شخص چوي ٿو ته اسان وٽ؟ جنهن تي علي امين گنڊاپور چوي ٿو ته بارڊر تي، اسلام آباد جي بارڊر تي ٽول پلازه جي ليفٽ سائيڊ تي، ڪهڙي جڳهه آهي، ٽاپ سٽي آهي يا ڪيپيٽل،جنهن تي سامهون وارو شخص چوي ٿو ته ٽاپ به، ڪيپيٽل به آهي، کوڙ ساريون آهن، جنهن تي علي امين گنڊاپور چوي ٿو ته ٽاپ ته ايئرپورٽ تي آهي نه، جنهن تي ٻيو شخص چوي ٿو ته ٽاپ ته ايئرپورٽ واري سائيٽ آهي
مون توهان کي پورو نقشو موڪليو هو، علي امين گنڊاپور چوي ٿو ته اهو مون کي مليو آهي، توهان سامان ۽ ماڻهو اتي تيار رکجو، سامهون وارو شخص چوي ٿو ته ٺيڪ آ سر، ڪو اشو ناهي، جنهن تي علي امين گنڊاپور چوي ٿو ته بس ته پوءِ رابطي ۾ آهيون انشاءَ الله جنهن تي سامهون وارو شخص چوي ٿو ته جي سر انشاءَ الله،
پريس ڪانفرنس دوران رانا ثناءُ الله ڪي پي سرڪار کان ٻنهي جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته علي امين اسلام آباد ۾ هجي ها ته گرفتار ٿي وڃي ها، گجرات ۾ به بندوقون گڏ ٿي رهيون آهن، پنجاب سرڪار کي اطلاع ڏنو آهي، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، پرويز الاهي کي اُن جي خبر هوندي، پنجاب سرڪار ۽ پوليس اهڙن ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري