لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آھي تھ هر لانگ مارچ سان گڏ بيڪ ڊور ڳالهيون به ٿينديون آهن، هاڻي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن
لاهور ۾ تقريب دوران ڳالهيون ڪندي پرويز الاهي چيو ته لانگ مارچ ۾ هر ضلعي مان نوان ڪارڪن شامل ٿي رهيا آهن، سي سي پي او لاهور جون خدمتون وفاق حوالي نه ڪنداسين، سي سي پي او لاهور سٺو ڪم ڪري رهيو آهي
ھن جو چوڻ ھو تھ شهباز شريف ڪم ڪرڻ بدران رڳو ماڻهن کان پئسا گهري رهيو آهي، پئسا گهرڻ واري ڪم لاءِ هن کي سي سي پي او لاهور جون خدمتون نه ڏينداسين