(شهزادو شيخ)
(سنڌ پوليس آفيسر منشيا روپيتا جي زندگي جو مختصر تعارف)
الله پاڪ انسان کي تمام گهڻين خوبين ۽ صلاحيتن سان نوازيو آهي انهن پنهنجين پنهنجين صلاحيتن جي ذريعي اعلي مقام حاصل ڪيو آهي مرد هجي يا عورت پنهنجي قابليت ۽ اھليت جي ذريعي پاڻ کي مختلف شعبن ۾ اجاگر ڪيو آهي ۽ مردن سان شانا بشانا ڪم ڪيو آهي چاھي اها سائنس ۽ ٽيڪنالاجي هجي يا ايجوڪيشن، بئڪنگ سيڪٽر، صحت، ڪمرشل ادارا ۽ سيڪيورٽي فورسز ادارن ۾ دلي لگن سچائي ۽ ايمانداري سان پنھنجا فرض سرانجام ڏنا آهن سنڌ جي شهر جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ۽ هندو ڪميونٽي جي پهرين ناري منيشا روپيتا آهي جنهن سنڌ جو چٽاڀيٽي مقابلي وارو امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري سنڌ پوليس ۾ ڊي ايس پي جو عهدو حاصل ڪيو آهي اهڙي طرح سنڌ پوليس ۾ عورتن ۾ مثالي ڪردار ايس ايس پي ميڊم سهائي عزيز ٽالپر آهي جنهن ڪراچي ۾ چائينز ڪونسليٽ تي دهشتگردن جي حملي دوران پنهنجي بهادري سچائيء ۽ دليري سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ سنڌ پوليس ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو اهڙي طرح پوليس فيسيليشن سينٽر لاڙڪاڻو انچارج ميڊم بتول بلوچ ۽ وومين چائلڊ پروٽيڪشن سيل لاڙڪاڻي جي انچارج ميڊم نغمہ مزاري جيڪي سنڌ پوليس ۾ مثالي ڪردار آهن جيڪي سماج جي عورتن لاءِ مثال آهن هي بهادر پوليس آفيسر پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي عورتن لاءِ اتساهه آهن.اهڙي طرح جيڪب آباد شهر جي پھرين هندو ڪميونٽي جي منيشا روپيتا آهي هن جو جنم 25 نومبر 1996ع ۾ سنڌ جي شهر جيڪب آباد ۾ ٿيو هي هندو ڪميونٽي جي مڊل ڪلاس فيملي سان تعلق رکي ٿي هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر جيڪب آباد مان حاصل ڪئي ان کان پوءِ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان گرئجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان کان بعد هن پنهنجي مرضي جي ڊگري جي چونڊ ڪئي اها هئي ڊاڪٽر آف فزيڪل ٿراپي Doctor of physically thoropy جي پي ايم سي ( JPMC ) ڪاليج مان 2018 ۾ حاصل ڪئي سندس دل جي خواهش هئي ته مان مان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌ پوليس ۾ آفيسر طور فرض سر انجام ڏيان سندس جي هي پهرين ترجيح هئي هن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن امتحان جي رات ڏينهن تياري ڪئي 2019 ۾ هن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنو جنهن ۾ 468 اميدوارن مان هن 16 نمبر تي پوزيشن حاصل ڪئي ۽ 26 سالن جي عمر ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ پاڪستان جي پهرين هندو ڪميونٽي مان سنڌ پوليس ۾ ڊي ايس پي DSP جي عهدي تي فائز ٿي هن سخت محنت ڪري هي ثابت ڪيو ته پوليس فورس اداري ۾ مردن سان گڏ عورتون به شانا بشانا ڪم ڪري رهيون آهن جيڪا هن سماج ۾ رهندڙ لکيل پڙهيل نوجوان ڇوڪرين لاءِ هڪ مثال آهي هن جو ننڍپڻ کان وٺي زياده مصروفيات ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاري آهي جيڪا هن جي شخصيت جي ھڪ سڃاڻپ آهي نه رڳو چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ مقابلو ڪيو پر ان مقصد کي حاصل به ڪيو جنهن جو هي هڪ مثال آهي زندگي هڪ سفر آهي هن ۾ پنهنجا حوصلا ۽ اراده مضبوط ۽ بلند بالا رکڻ گهرجن ته جيئن پنهنجن مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي جيڪي ماڻهو ڪوشش ڪن ٿا ته ڪامياب ٿين ٿا ٻين لاءِ مثال بڻجي وڃن ٿا منشيا روپيتا به هڪ مثال آهي منشيا روپيتا جو علم ادب سان به گهرو تعلق آهي تاريخ سان گڏوگڏ زياده سنڌي ادب ۽ اردو سان بيحد لاڳاپو آهي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ سندس جو شوقيا مشغولو آهي چيو ويندو آهي ته انسان جون خواهشون لا معدود هونديون آهن زندگيءَ ۾ انسان جون خواهشون ۽ اڌورا خواب رهجي ويندا آهن پر منشيا روپيتا پنهنجين خواهشن ۽ خوابن کي ساڀيان بڻايو ۽ منزل مقصود تي پهچايو با شعور ماڻهو پنهنجي لاء زندگي نه گذاريندا آهن پر سماج ۾ رهندڙ مسڪين غريب ۽ اٻوجھ ماڻهن لاءِ گذاريندا آهن اهي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي وڌيڪ با مقصد بڻائيندا آهن اهي ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکاريندا آهن ته جيئن ماڻهو سندن جي ڪيل ڪارنامن کي ياد رکن اهڙي طرح زندگيءَ کي سٺو ۽ ڪارگر بڻائڻ لاءِ عمل جي ضرورت هوندي آهي عمل کان سواءِ ڪو به انسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي جيستائين اهو تحرڪ ۾ نٿو اچي ته اهو انسان تيستائين عمل جي اڌ پنڌ ۾ رهجي ويندو آهي منشيا روپيتا نه رڳو پنهنجي فيملي جو مان مٿانهون ڪيو ان سان گڏوگڏ پنهنجي قوم جو نالو روشن ڪيو اهڙيون عورتون سماج جو شعور ۽ مثال پيدا ٿينديون آهن