(شهزادو شيخ)
(ڪهاڻيون “سمنڊ ڪناري ٻڏندڙ ٻيڙيون” تي هڪ سرسري نظر)
هي مجموعو “سمنڊ ڪناري ٻڏندڙ ٻيڙيون” ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪهاڻين جو ڪتاب آهي جيڪو سنڌ ٻوليءَ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار مترجم شاعر مصور ۽ استاد پڻ آهي سندس هي ترجمو ٿيل ڪتاب آهي سائين ممتاز لوهار ڇھن ڪتابن جو تخليقڪار آهي جن مان ٽن ڪتابن جو ترجما ٿيل آهن ترجمي ٿيل ڪتابن مان هي ٽيون ڪتاب آهي سندس ڪيل ادبي پورهئي ۾ ادب جي جھول۾ شامل ڇھ ڪتاب آهن جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. (1) آمريڪي ڪهاڻيڪار اوهينري جا افسانا “هڪجھڙو درد” (2) بنگالي ادب جي ناليواري اديب شر شيندو مکو پاديائي جي ناول جو ترجمو “اڏوهي جيئن ڏکڙا” ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب (3) اڻپورا وجود (4) کليل دري جو درد (5) ڪئنواس تي بارش (6) سمنڊ ڪناري ٻڏندڙ ٻيڙيون شامل آهن ممتاز لوهار صاحب هڪ ادب جي ميدان ۾ برجستو.. ۽ پختو ليکڪ آهي جنھن جي قلم جي نوڪ ۾ ڀرپور سگھ ۽ جذبو سمايل آهي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهاڻين ۾ سماج ۾ ٿيندڙ براين نا انصافين ۽ تڪليفن کي چٽو ڪري پيش ڪيو آهي ڪنهن ٻوليءَ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ يا پنهنجي ٻوليءَ کي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري دنيا جي مختلف تهذيبن تمدن رسمن رواجن ثقافت ۽ سماج جي اوڻائين کي ترجمو ڪري پيش ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي جيڪو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي ترجمي ڪرڻ ۾ هر هڪ ٻوليءَ جي لفظ ۽ معني کي گرامر جي لحاظ سان پيش ڪرڻو پئي ٿو ۽ ان ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ سونهن جو گهڻو خيال رکڻو پوي ٿو ته جيئن ترجمو ٿيل ٻولي پرڪشش ۽ اسلوب هجي جيئن پڙهندڙن کي چاشني ملي ممتاز لوهار صاحب جي ڪهاڻين جو ڪتاب “سمنڊ ڪناري ٻڏندڙ ٻيڙيون” ۾ مهاڳ ۾ محترم مجيب اوٺو جا لکيل لفظ ڏاڍا وڻيا جن منھنجو گهڻو ڌيان ڇڪايو هڪ ترڪش چوڻي آهي ته جڏهن اوهان هڪ ٻولي ڄاڻو ٿا ته اوهان هڪ ماڻهو آهيو… پر جڏهن اوهان 2 ٻوليون ڄاڻو ٿا ته اوهان هڪ ماڻهو جي بجاءِ 2 ماڻهو بڻجي ويندا آهيو هي هڪ حقيقت آهي ته ممتاز لوهار صاحب جون هي ڪهاڻيون ترجمو ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ واڌارو ڪيو آهي پر ان سان گڏوگڏ هڪ فن به آهي ممتاز لوهار صاحب پنهنجي فن سان سچو وفادار پڻ آهي 31 مئي2021 جي شام جڏهن ھو پنھنجي جيون ساٿياڻي ۽ پنهنجن ٻچڙن سان موٽر سائيڪل لاڙڪاڻي جي وي آئي پي روڊ تان گذري رهيو هيو ته پويان ڪي نوجوان موٽر سائيڪل ممتاز لوهار جي موٽر سائيڪل جي پويان ٽڪر لڳايو جنهن ۾ سندس ڄنگھ جو فريڪچر ٿي پيو. پر ان خطرناڪ حادثي دوران گهر ۾ هڪ جڳھ تي ويهي لکڻ پڙهڻ نه ڇڏيو ڪجهه افسانا ترجما ڪيا ڪجهه ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون پڙهيون سندس هي تازو آيل ڪهاڻين جو ڪتاب ثبوت آهي سر ممتاز لوهار هڪ ملنسار محبتي پيار ڏيندڙ ۽ سٺو استاد پڻ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ سٺو ۽ سريلي آواز وارو راڳي به آهي جنهن به ادبي پروگرام ۾ يا دوستن ۾ هوندو آهي ته ڪو نه ڪو ڪلام جهونگاريندو آهي اها شاعري شيخ اياز جي جي هجي يا استاد بخاري يا ڪنهن شاعر جي شاعري اها سهڻي سٺي ۽ مٺڙي آواز ۾ پيش ڪندو آهي سمنڊ ڪناري ٻڏندڙ ٻيڙيون ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪهاڻين جو ترجمو ٿيل ڪتاب آهي هي ڪتاب سورنهن ڪهاڻين مشتمل آهي ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار اديب ليکڪ مظهر اسلام جي ڪهاڻي سمنڊ ڪناري ٻڏندڙ ٻيڙيون آهي هي ڪهاڻي جتين کان شروع ٿئي ٿي ۽ جتين تي ختم ٿئي ٿي هن ڪهاڻي ۾ مظهر اسلام ٻڌائي ٿو ته سٺا پير ۽ انهن جي مطابق جتيون انسان جي شخصيت جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌائي ڇڏينديون آهن هن ڪهاڻي ۾ جوتن جا مختلف قسم ٻڌايا ويا آهن سادا چمڪندڙ جوتا بي سفر جوتا سفر جي مار کاڌل جوتا ڪار وارن جا جوتا پنڌ هلندڙ جا جوتا بي منزل جا جوتا پڪن ارادن وارا جوتا نا اميد جوتا هڪ پاسي جهڪيل جوتا ۽ ۽ تڪبر منهنجان سيٽيل جوتا صاف پيرن جا جوتا گندن پيرن جا جوتا محبت ڪندڙن جا جوتا خوبصورت پيرن جا جوتا ۽ بڇڙن پير جا جوتا شامل آهن هي ڪهاڻي به هڪ ڪمري جي در وٽ رکيل جوتن کان شروع ٿئي ٿي ۽ ختم به ساڳي هنڌ ختم ٿئي ٿي هن ڪتاب ۾ تمام گهڻيون ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ کٽي لسي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ ڀيڻ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پيار مان کٽي لسي چوي ٿي ته سندس ننڍو ڀاءُ تمام گهڻو خوش ٿئي ٿو ۽ جتي ڪٿي اسڪول گهر يا گهٽي بازار ۾ به ان ننڍي ٻار کٽي لسي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ان کان جيڪي به اهي سڀ ڪهاڻيون معاشري ۾ ٿيندڙ ظلم ڏاڍ جبر بي انصافي نا جائزي ۽ براين کي قلم جي ذريعي ڪهاڻين جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي ته جئين پڙهندڙن کي خبر پوي ته اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ته واقعي هي سڀ ڪهاڻيون ۽ افسانا حقيقت جو روپ آهن هڪ ليکڪ ۽ مترجم عام ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري ٿو ممتاز لوهار جو ڪهاڻين جو ڪتاب هڪ شاهڪار ڪتاب آهي هن ڪتاب جو مهاڳ محترم مجيب اوٺو لکيو آهي بيڪ ٽائيٽل اخلاق انصاري صاحب لکيو آهي سمنڊ ڪناري ٻڏندڙ ٻيڙيون هي ڪتاب 128 صفحن تي مشتمل آهي ڇپيندڙ ادارو ڪنول پبليڪيشن آهي ڇپائي جو سال جولائي 2022 آهي اسان جون نيڪ تمنائون ۽ دعائون سر ممتاز لوهار سان گڏ آهن الله پاڪ سندس جي ڪالم ۾ وڌيڪ قوت سمائي ته سنڌي ادب ۾ اهڙن انمول ڪتابن جو واڌارو ٿئي.