.
ٽنڊوڄام ۾ امن امان قائم نه ڪري سگهندڙ ايس ايڇ او معطل، ڪاشف گاڏهي نئون ايس ايڇ او مقرر، ايس ايس پي حيدرآباد جو انجمن تاجران جي اڳواڻن سان رابطو، ٻه ڏينهن اڳ شهر مان ڦر ڪندڙ جوابدار جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري، اڄ ڏنل احتجاج ۽ شٽربند هڙتال جو سڏ واپس خبر موجب ٽنڊوڄام شهر مان ٻه ڏينهن اڳ هندو واپاري جي ايجنسي تان لکين روپين جي ڦر واقعي خلاف انجمن تاجران ۽ شهرين پاران ڏنل احتجاج ۽ شٽربند هڙتال واري سڏ کانپوءِ ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پاران انجمن تاجران جي اڳواڻ عبدالمنان راجپوت سان رابطو ڪري ڦر جا جوابدار جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته ٽنڊوڄام ۾ امن امان قائم نه ڪري سگهندڙ ايس ايڇ او مجتبيٰ شيخ کي معطل ۽ لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي، ٽنڊوڄام ٿاڻي تي ڪاشف گاڏهي کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي انجمن تاجران ۽ شهرين خوشي جو اظهار ڪندي اڄ ڏنل احتجاج ۽ شٽربند هڙتال جو سڏ واپس وٺندي چيو آهي ته ڪاشف گاڏهي دبنگ آفيسر آهي، پهريان به ٽنڊوڄام ۾ ڪاشف گاڏهي امن قائم ڪرايو، هاڻ به اها ئي اميد آهي.