سڊني ( ويب ڊيسڪ ) سڊني سپر12 مرحلي ۾ گروپ ون جي 27 هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي 65 رنسن تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ ۾ ٽاپ پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.
سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيوي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
نيوزيلينڊ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ست وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون.
ٽاپ آرڊر جي تڪڙي آئوٽ ٿيڻ بعد گلين فلپس سريلنڪن بالرن اڳيان ڄمي بيهي رهيو هن ايونٽ جي ٻي ۽ پنهنجي ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪري نيوزيلينڊ کي ميچ ۾ واپس آڻي ڇڏيو، هو 64 بالن تي چئن ڇڪن ۽ ڏهن چوڪن جي مدد سان 104 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيون.
ٻين رانديگرن ۾ ڊيرل مچل 22 ۽ سينٽنر 11 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
سرينڪا طرفان رجيٿا ٻه، ٿيڪشنا، ڌننجيا ڊي سلوا، هسارنگا ۽ لاهيرو ڪامارا هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
168 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 19.2 اوورن ۾ 102 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪپتان داشن شانڪا 35 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيو جڏهن ته ڀانوڪا راجا پڪسا 34 رنسون اسڪور ڪيون، ٻنهي کانسواءِ ڪو آءِ لينڊرز بيٽر گهڻي دير ڪيوي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو.
ٽرينٽ بولٽ جي پهريون اسپيل سريلنڪن بيٽرز لاءِ ڀوائتو خواب ٽابت ٿيو، هن چئن اوورن ۾ 13 رنسن عيوض چار شڪار ڪيا، مچل سينٽنر ۽ ايش سوڍي ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ليوڪي فرگوسن ۽ ٽيم سائوٿي جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي گلين فلپس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سُپر 12 مرحلي ۾ پنهنجي گروپ جي پوائنٽ ٽيبل تي پهرين پوزيشن پڻ ماڻي ورتي آهي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ پهرين ميچ ۾ آسٽريليا کي 89 شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻي ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي.