اسلام آباد: لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڪو به هوٽل يا گيسٽ هائوس جو ڪمرو نه ڏنو وڃي، اسلام آباد پوليس هوٽلز ۽ گيسٽ هائوسز انتظاميا لاءِ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو
پوليس جو چوڻ آهي ته روزاني بنياد تي تلاشي ٿيندي، جنهن هوٽل يا گيسٽ هائوس لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ کي ڪمرو ڏنو ته اُن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي
پاڪستان تحريڪ انصاف جو عمران خان جي قيادت ۾ لانگ مارچ لاھور ۾ موجود آھي، جتان مختلف رستن کان ٿيندي اسلام آباد پھچندو