ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن آفيس خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور پاران چوماسي برساتن سبب ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ڊهڻ جو نوٽس وٺندي معائني لاءِ ڊي آءِ او آفيس خيرپور پهچي ويو
ڊي آءِ او آفيس لاءِ جلد پي سي ون تيار ڪرائي اڏاوٽ لاءِ لکهه پڙهه ڪئي ويندي. ڊاڪٽر شرجيل نور چنا
ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر خيرپور پاران آفيس بابت تفصيل سان بريفنگ
خيرپور 28 آڪٽوبر 2022؛ سنڌ ۾ چوماسي برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري آفيسون ۽ بلڊنگ ڪري پيون ۽ خيرپور ضلعي ۾ اڪثر آفيسون زبون حال ٿي ويون سخت برسات سبب ضلعي اطلاعات آفيس خيرپور به ڌماڪي سان ڪري پئي اهڙي اطلاع ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن خيرپور سيد ساجد حسين شاهه اطلاعات کاتي سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي تحريري طور اماڻي آهي جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ايس ايس پي مير روحل خان کوسو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ظفر عباس عباسي ۽ ٻين آفيسرن کي ساڻ ڪري ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس خيرپور جي عمارت جو دورو ڪيو. دوري دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن خيرپور سيد ساجد حسين شاهه ڊي سي خيرپور کي ٻڌايو ته عمارت رياست جي دور جي آهي ۽ هن سخت برسات ۾ ڪري پئي آهي ان ڪري آفيس جو ونهوار سميت سرڪاري ڪوريج ڪرڻ ۾ وڏي ڏکيائي ٿي رهي آهي جڏهن ته چوماسي برسات کان اڳ ۾ ۽ 2016 کان مرمت لاءِ ليٽر لکيا آهن. جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا اي ڊي سي ظفر عباس عباسي کي هدايت ڪئي ته بلڊنگ يا لاڳاپيل کاتي جي انجينئرس سان ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس جي اڏاوٽ جي سلسلي ۾ پي سي ون تيار ڪرائي وڃي ته جئين ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس جي نئي سر تعمير لاءِ لکهه پڙهه ڪئي وڃي ڊي سي خيرپور ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سميت عملي کي يقين ڏيارو ته جلد آفيس جي تعمير ڪرائي ويندي.
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور پاران چوماسي برساتن سبب ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ڊهڻ جو نوٽس
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
1
+1
1
+1
Leave a comment