ٽنڊوڄام (رپورٽ واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام جي مک بازار مان ڏينهن ڏٺي لکين رپيا ڦر، ٽي نامعلوم هٿياربند ايشور ديوان جي آئل جي ايجنسي تان ست لک رپيا ڦر ڪري آساني سان فرار، پوليس پڇا ڳاڇا بعد واپس رواني، شهرين، دڪاندارن ۽ تاجر تنظيمن جي اڳواڻن پاران شهر ۾ بدامني ۽ روز جي ڦر واقعن خلاف مالاڪنڊ چوڪ کان ٽنڊوڄام ٿاڻي تائين احتجاجي ريلي، حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو، گاڏين جون قطارون، سڀاڻي کان دڪان بند ڪري هڙتال جو چتاءُ رپورٽ موجب ٽنڊوڄام جي مصروف ترين بازار نوان هٽ تي ايشور ديوان جي دڪان تان ڏينهن ڏٺي 2 بجي 125 موٽرسائيڪل تي سوار ٽن نامعلوم هٿياربندن پاران دڪان جي مالڪ ايشور ديوان ۽ ان جي پٽن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي ست لک رپيا ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جن جو شهرين پاران موٽرسائيڪلن تي پيڇو پڻ ڪيو ويو پر ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن بعد واقعي واري هنڌ دڪاندارن ۽ تاجر اڳواڻن جو هڪ وڏو انگ گڏ ٿي ويو جتان شهر ۾ پيدا ٿيل بدامني ۽ روز جي ڦرن جي خلاف شهرين دڪاندارن ۽ تاجر اڳواڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مالاڪنڊ چوڪ کان ٽنڊوڄام ٿاڻي تي پهتي، جتي ٿاڻي آڏو حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ کي ڌرڻو هڻي بند ڪيو ويو، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، دڪاندارن ۽ تاجر اڳواڻن ۽ ٻين ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته گذريل ڏيڍ مهيني کان شهر ۾ چوريون، ڦرون، اسنيچنگ، موٽرسائيڪل ڦر جون وارداتون روز جو معمول بنجي ويون آهن پر پوليس صرف منٿليون وصول ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ مهيني اندر ٽنڊوڄام شهر ۽ ڀرپاسي جي علاقن مان لڳ ڀڳ 10 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو آهي جنهن مان ڪنهن جي به ريڪوري نه ٿي سگهي آهي پر ان جي باوجود به ڪنهن قسم جي ڪا حڪمت عملي نظر نٿي اچي ۽ پوليس صرف پنهنجي خانه پوري لاءِ روز ڪنهن موالي کي چالان ڪري خانه پوري ڪريو ڇڏي، انهن اعليٰ اختيارين ڊي آءِ جي پير محمد شاھ، ايس ايس پي امجد شيخ ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته واپاري ايشور ديوان کان ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شھر اندر ٿيندڙ ڏوهي سرگرمين تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت مسئلي جي حل تائين سڀاڻي کان دڪان بند ڪري هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.