ڪينيا ۾ قتل ٿيل صحافي ارشد شريف جي جنازي نماز اسلام آباد ۾ ادا ڪئي وئي
فيصل مسجد جي احاطي ۾ ادا ڪيل جنازي نماز ۾ صحافين کانسواءِ سياسي اڳواڻن ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
واضح رهي ته ارشد شريف کي ڪينيا ۾ پوليس فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، سندس قتل بعد پاڪستاني سياست ۾ هلچل آهي
گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ حڪمران ڌر تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان مٿان قتل جا الزام مڙهي رهي آهي