اڳتي وڌڻو آھي ته پڙھڻو آھي ۔
انعامن ورھائڻ جي تقريب جو اکين ڏٺو احوال ۔
مشتاق علي لنڊ ۔
لکڻ جو قسم لوھ توڙي قلم جا
نگھبان اوھين خاص استاد آھيو
قطعو منھنجو حق جي وڪالت ڪري ڇا ؟!
اوھين خود مضبوط فرياد آھيو .
ھن خوبصورت ۽ وسيع دنيا ۾ پرورش ڪري زنده رھڻ جو شرف ته ماء ۔ پيء بخشيو آھي ، پر استاد اھا عظيم ھستي آھي جنھن علم ۽ شعور ڏيئي جھان ۾ عزت سان جيئڻ سيکاريو آھي . استاد ھميشه ٻارن جي ڪچي من ۽ ذھن جي بھتر تربيت ۾ مشغول رھيو آھي ۽ بھتر معاشري جي تعمير لاء نمايان ڪردار ادا ڪري رھيو آھي .
گلڙن جھڙا ٻارڙا پنھنجن صلاحيتن سان پنھنجي وجود ۽ قابليت کي ظاھر ڪندا رھيا آھن اونده رات ۽ جھالت کي مات ڏيئي رھيا آھن ۽ اقبال جي شاھين جيئان پرواز ڪري دنيا ۾ پاڻ ملھائي رھيا آھن .
استادن جي عظمت ۽ خدمتن جي مڃتا لاء ، ٻارن جي محنت ۽ علم حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ چاه پيدا ڪرڻ لاء ۽ تعليمي ترقي ۾ تيزي آڻڻ لاء علم دوست آفيسر
جاويد حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سکر سٽي ، سکر جي تاريخ ۾
” پھرين ايوارڊس “
ورھائڻ جي ، تقريب جو انعقاد ڪري سونھري تاريخ رقم ڪئي آھي.
جاويد حميد قريشي ممتاز تعليمي ماھر ۽ علم لاء درد دل رکندڙ سان گڏ ھڪ بھترين ۽ عظيم انسان ۽ سماج جا ھڏ ڏوکي آھن . سگا پنو عاقل شاخ ۾ ھڪ متحرڪ ڪردار طور شاندار سماجي خدمتن ۾ به ھميشه مصروف ھوندا آھن .
جاويد حميد قريشي جي مخلص محنتن ۽ ڪاوشن سان ان تاريخي تقريب جو انعقاد ٿيو . ان تقريب ۾ سکر ريجن جي ھر ضلعي مان ٻه
”بھترين تعلقه ايجوڪيشن آفيسر “
ھر ضلعي مان
”ٻه بھترين ھيڊ ماستر “
۽ ڊاريڪٽر آفيس جي عملي لاء به ايوارڊس شامل ھئا .
انعامن ورھائڻ جي ھي پر وقار تقريب گورنمينٽ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول بئراج ڪالوني سکر ۾ ٿي گذري . ھي اسڪول سنڌ جي مثالي اسڪولن مان ھڪ آھي .
ھن شاندار تقريب جا مھمان خاص غلام مصطفي ڦل ڪمشنر سکر ، صدر ممتاز تعليمي ماھر ، محقق ، ليکڪ اديب ۽ دانشور جناب پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ ڊائريڪٽر ايلمينٽري ، سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر ھئا . اعزازي مھمانان گرامي
جناب الاھي بخش شيخ
ڊپٽي سيڪريٽري
ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ ، جناب حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايلمينٽري ، سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري سکر ،
جناب حاجي محمد خان ٻرڙو
ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر ، جناب شفقت حسين ھوتي
ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايليمينٽري ، سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر ، جناب حاجي عبدالعزيز ڪلھوڙو صاحب ڊپٽي ڊائريڪٽر ،
جناب حسن علي مڱريو صاحب ٽي ۔ اي ۔ او روھڙي ، محترمه رخسانه لاشاري ٽي ۔ اي ۔ او ۔ فيميل سکر ۽ ٻيا تعليمي آفيسر ھئا ۔
تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي . تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت استاد محمد عسجد ، مسلم ايليمينٽري اسڪول باغ حيات علي شاھ سکر حاصل ڪئي . حمد جي سعادت صلاح الدين عباسي ھيڊ ماستر مسلم ايلمينٽري اسڪول باغ حيات علي شاھ سکر ۽ نعت جي سعادت استاد تنوير الاھي حاصل ڪئي .
تقريب ۾ آيل معزز استادن ۽ مانوارن مھمانن کي ”مرحبا “ لاء ميزبان اسڪول جي ٻارن ،
”استاد محترم کو ميرا سلام کھنا “
ٽيبلو پيش ڪري استاد جي لاء احترام ، عزت ۽ ادب ڀريو پيغام ڏنو . ٻارن جي ادب ڀريئي انداز کي سڀني استادن ۽ مھمانن ساراھيو .
ان ٽيبلو کانپوء انعامن ورھائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۔
سکر ضلعي جي ،
ٽي ۔ اي ۔ او ۔ جو خاص ايوارڊ پروگرام جي ميزبان جاويد حميد قريشي کي ڏنو ويو ، محمد يعقوب انڍڙ ٽي ۔اي ۔ او ۔ تعلقه صالح پٽ ۽ حسن علي مڱريو ٽي اي او روھڙي کي ڏنو ويو ۽ خيرپور ضلعي مان سائين نورالله سھتو ، ٽي ۔ اي ۔ او ڪنگري ۽ ٻين ، جناب نور احمد انڍڙ ٽي اي او گھوٽڪي ۽ ٻين بھترين
” ٽي ۔ اي ۔ او ۔ “ جا
”شيلڊ ۽ سند “ جا اعزاز ماڻيا .
ماڊرن ھاء اسڪول سکر جي ٻارن استادن جي مان ۾ ھڪ بھترين ٽيبلو پيش ڪيو . ماڊرن اسڪول جا
استاد علي اڪبر مھر ۽ عبدالسميع بلوچ به پنھنجي شرڪت سان پروگرام کي رؤنق بخشي .
ٽيبلو کانپوء انعامن ورھائڻ جو سلسلو وري شروع ٿيو ۽ ھيٺين کي” بھترين ھيڊ ماستر“ ۽ ”بھترين استاد “ قرار ڏيئي کين ”شيلڊس ۽ سندون“ ڏنيون ويون .
جناب غلام شبير ميراڻي ھيڊ ماستر ، مشتاق علي لنڊ ، ايڇ ۔ ايس ۔ ٽي ۔ گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر ، جناب شاھد حسين راجپوت ھيڊ ماستر ، استاد محمود راجپوت گورنمينٽ نيشنل فاران ھاء اسڪول سکر ،
تاج محمد چنه ھيڊماستر ، استاد عبدالرئوف ڪلوڙ ايڇ ۔ ايس ۔ ٽي ۔ گورنمينٽ ھاء اسڪول نمبر ون سکر ،
محمد حسن ٻرڙو ھيڊ ماستر ، استاد انور علي ميمڻ گورنمينٽ ( اين) الفلاح ھاء اسڪول سکر ، علي اختر مھر
ھيڊ ماستر ، استاد محمد طاھر علي ،اسلاميه گورنمينٽ ھاء اسڪول شھيد گنج سکر ،
صلاح الدين عباسي
ھيڊ ماستر ، استاد محمد اويس مسلم ايليمينٽري اسڪول باغ حيات علي شاھ سکر ، سيد ذاڪر حسين شاه ھيڊ ماستر ، استاد تنوير الاھي انصاري گورنمينٽ اسلاميه ھاء اسڪول باغ حيات علي شاھ سکر ، فراست خان ھيڊ ماستر ، استاد سليم الله خان ، گورنمينٽ (ن) تعمير نو ھاء اسڪول سکر ،
عبدالنبي ڄامڙو ، ھيڊ ماستر ،
استاد محمد اختر آرائين اسلاميه گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول اولڊ سکر ،
،سائمه مظھر
ھيڊ مسٽريس ، اسلاميه گورنمينٽ اولڊ سکر
ٽيچر رسول بانو اسلاميه گورنمينٽ ھاء اسڪول اولڊ سکر
، نورمحمد سھتو ھيڊ ماستر ، استاد ارشاد علي قريشي گورنمينٽ (پ) ميونسپل ھاء اسڪول اولڊ سکر ، محترمه حميدان جتوئي ھيڊ مسٽريس ، استاد روشن ضمير قريشي گورنمينٽ ايم ۔ ڪي۔ ھاء اسڪول سکر ، محترمه مسرت منگي ھيڊ مسٽريس ، ٽيچر شازيه قدير مغل گورنمينٽ ماڊرن ھاء اسڪول سکر ، عبدالحڪيم مھر ھيڊ ماستر ، استاد محمد خالد ميمڻ گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول قادريه سکر ، محمد زاھد منگي ھيڊ ماستر ، استاد امان الله سومرو گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ريلوي سليپر فيڪٽري سکر ، محمد شعيب ھيڊ ماستر ، فرھاد خان وسپور اسڪول سکر ۽ ٻيا .
ان کان پوء ميونسپل ھاء اسڪول سکر جي ٻارن ھڪ بھترين ٽيبلو پيش ڪيو .
2021 _ 2022 جي ساليانه امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ ٻارن کي شيلڊون ڏنيون ويون . ٻار توڙي سندن والدين تمام گھڻي سرھائي محسوس ڪري رھيا ھئا . ھي عمل يقينا ٻارن ۾ وڌيڪ محنت جو جذبو پيدا ڪندو ۽ ھڪ نئين اتساه سان محنت ڪندا .
نورمحمد سھتو ھڪ گيت ٻڌائي سڀني جي خوشين ۾ اضافو ڪيو .
تعليمي نظام کي ھلائڻ لاء ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي او صاحب جي آفيس جو عملو به رات ڏينھن ڪم ڪري رھيو آھي . شاندار ۽ نتيجه ڏيندڙ ڪمن ۽ حسن ڪارڪردگي جي مڃتا طور کيس” شيلڊس ۽ سندون“ ڏنيون ويون . سندن ڪم جي تعريف ڪئي ويئي .
جاويد حميد قريشي مھمانن کي ڀليڪار ۽ شڪريه ادائي جا ڪلمات به چيا . سڀني جي سھڪار تي ٿورا به مڃيا .
تقريب ۾ مھمان خاص غلام مصطفي ڦل ڪمشنر سکر ڊويزن سکر پنھنجي خطاب ۾ چيو ته استاد قوم جا سنواريندڙ آھن . استاد ئي بھترين سرجيندڙ آھن . منھنجو ھر ممڪن ۽ مڪمل تعاون اوھان سان آھي ۽ رھندو . انعام حاصل ڪندڙ سڀني کي مبارڪون ھجن.
تقريب کي حافظ شھاب الدين انڍڙ خطاب ڪندي چيو ته ، جاويد حميد قريشي جون تعليم جي ترقي لاء ھي شاندار ڪاوشون آھن . ٻارن ۽ استادن کي وڌيڪ محنت ڪري ائين ئي ڪاميابين سان اڳتي وڌڻو آھي . سڀني انعام حاصل ڪندڙن کي مبارڪون ھجن . اھڙا پروگرام ٿيندا رھندا ۽ مسلسل ڪندا رھندا سون ۔ تقريب کي جناب پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن خطاب ڪندي چيو ته
حافظ شھاب الدين انڍڙ مثالي ڪم ڪري سنڌ جي ڊي ۔ اي ۔ اوز ۾ ممتاز آھن . جاويد حميد جون ھي مثالي ڪاوشون آھن ۽ ٻيا ٽي ۔ اي ۔ اوز به ائين ڪم ڪن . سڀ استاد پنھنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھائن . سڀني استادن کان واعدو به ورتو ته ھو ڪاپي نه ڪرائيندا . سڀ استاد ايس ايم سي جي درست استعمال کي يقيني بڻائيندا . تقريب کي الاھي بخش شيخ ڊپٽي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ، حاجي محمد ٻرڙو ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن ، حسن علي مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪيو . تقريب ۾ سھولت ڪاري جا فرائض ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر جي اسڪائوٽ ادا ڪيا . ھن شاندار تقريب جي ميزباني جا فرض
شفقت حسين ھوتي صاحب ۽ سندس ٽيم سر انجام ڏنا .