ڊپٽي ڪمشنر تاج ڪالوني ۾ گندي پاڻي جي نيڪال، صفائي جي صورتحال جو جائزو ورتو
صفائي جي خراب صورتحال ۽ گندي پاڻي جي نيڪال ۾ سست رفتاري تي ڊپٽي ڪمشنر پاران لاڳاپيل عملدارن مٿان ڪاوڙ جو اظهار
ڪجھ ڏينھن اندر تاج ڪالوني مان گندي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي جي صورتحال کي بھتر بڻايو وڃي شھريار گل ميمڻ
ٻي صورت ۾ ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد
ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جا عملدار عوام جا مسئلا حل ڪن ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد
ڪوتاهي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس شھريار گل ميمڻ
واضع رھي تہ ڊپٽي ڪمشنر ڪجھ ڏينھن اڳ تاج ڪالوني جو پڻ دورو ڪيو ھو
جنھن دوران ڊپٽي ڪمشنر آفيسرن کي تاج ڪالوني مان گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ صفائي جا بھتر انتظام ڪرڻ لاءِ ھڪ ھفتي جي مھلت ڏني ھئي
ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه اقبال احمد تنيو، پبلڪ ھيلٿ کاتي ۽ ميونسپل ڪميٽي جا عملدار پڻ موجود ھئا