خبر موجب سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي استادن ۽ آفيسرن پاران ٽيچرس آفيسر جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان پنھنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ ڪاله ٻاويهين ڏينهن به احتجاج جاري رهيو، استادن ۽ آفيسرن پاران آئي ٽي سينٽر جي سامھون علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جنھن ۾ ايڪشن ڪاميٽي جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ظھور احمد سومرو، پروفيسر سعيد حيدر گھلو، ڊائريڪٽر ڪيو اي سي رياست علي ڪٻر، غلام حيدر جويو، عبدالقادر چانڊيو، پرويز احمد پتافي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي استادن، آفيسرس ۽ رٽائرڊ استاد ۽ آفيسرن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته حڪومت پاران وڌايل پگھارون چار مھينا گذرڻ باوجود ادا نه ٿيون آھن، رٽائرڊ آفيسرس ۽ استادن جي ڪميوٽيشن گذريل پنجن سالن کان ادا ناھي ڪئي ويئي، ٽيليفون الائونس، آرڊلي الائونس، کان علاوه ڪيترائي مختلف رھيل ڊفرنس به ادا ناھن ڪيا ويا، اھڙي ريت آفيسرن جو ٽائيم اسڪيل ۽ پروموشن لاءِ سليڪشڻ بورڊ به هٿ وٺي روڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي ۾ ٿيل خساري جي ذميوار ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻھن کان پڇاڻي لاءِ جوڊيشل انڪوائري ويھاري وڃي، ھنن چيو ته صرف ڪجھ سالن ۾ يونيورسٽي جو گھاٽو ھڪ ارب روپين کان وڌي ويو آھي، انھن تي انتظاميه جي خاموشي سمجھ کان ٻاھر آھي، هوڏانهن يونيورسٽي جي ماتحت زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي استادن ۽ آفيسرن به مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪيو ويو،