ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پاران سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪميشن جي سربراهه ۾ سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جا ميمبر به شامل هوندا
اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم اهو فيصلو مرحوم ارشد شريف جي قتل جي اصل حقيقتن کي ڄاڻڻ لاءِ ڪيو آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف جي خاندان جي معتبر ميمبرن کي ڪميشن ۾ شامل ڪيو وڃي
پوليس ارشد شريف جي گاڏيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟ ڪينيا جي ميڊيا سوال اٿاري ڇڏيا
ٻئي پاسي ڪينيا جي ميڊيا پاڪستاني صحافي جي موت بابت ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا، مقامي ميڊيا سوال اٿاريندي چيو آهي ته پوليس ارشد شريف جي گاڏيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟ ڇا ڪار سوارن حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو هو؟
ڪينيا جي ميڊيا موجب ڪار سوارن پوليس تي فائرنگ نه ڪئي ته پوءِ پوليس کين نشانو ڇو بڻايو؟ گاڏي جي ٽائرن کي ناڪاره ڇو نه بڻايو ويو؟ پوليس ڊرائيور بدران مسافر کي ڇو نشانو بڻايو؟
گاڏي ۾ مغوي ٻار جي موجود هجڻ جي اطلاع باوجود پوليس گاڏيءَ تي سڌا فائر ڇو ڪيا؟ پوليس گاڏيءَ جي نمبر پليٽ تي مونجهاري جو شڪار ڇو ٿي؟، ارشد شريف جي گاڏيءَ جي ڀيٽ ۾ چوري ٿيل گاڏي جو رنگ ۽ ماڊل ڪهڙو هو؟