صالح پٽ اتر سنڌ جو مشھور الغوزي نواز مير محمد عرف ويرم خان شنباڻي 96 سال جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو مير محمد عرف ويرم خان شنباڻي سانپ والا بابا جي نالي سان مشهور ٿيو الغوزي نواز ويرم شنباڻي کي 1931 ع انگريزن برطانيا ۾ رھڻ جي آڇ ڪئي پر ويرم شنباڻي انگريزن جي ڪيل آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو پنهنجي ڌرتي تي رھڻ جو فيصلو ڪيو ويرم شنباڻي ڪجھه عرصو گردن جي بيماري ۾ رھڻ ڪري 96 سال جي ڄمار ۾لاڏاڻو ڪري ويو مير محمد عرف ويرم خان شنباڻي کي پنهنجي اباڻي قبرستان شادي شھيد خيرپور ميرس ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ سندس برادري کانسواءِ شهرين پڻ شرڪت ڪئي