حڪومت سنڌ تعليم کاتي پاران تعلقي ڏوڪري جي 12اسڪولن لاءِ آيل فرنيچر جي ورهائڻ واري تقريب گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ تقريب ٿي گذري جنهن جي صدارت پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع لاڙڪاڻو جي نائب صدر محمد علي امر خان ٻگهيو ڪئي مهمان خاص ۾ ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو. يوسي وڏي وهڻي جي چونڊيل چئيرمين محمد علي راڄپر. تعليم کاتي جو آفيسر نظير احمد سانگهرو. تعليم کاتي جي آفيسر ارشاد احمد مگسي آپا نگهت شامل آهن. پروگرام جي ميزبان گورنمنٽ ها۽اسڪول ڏوڪري جي هيڊ ماستر نثار احمد سولنگي آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ان موقعي تي اجياڻو ڏيندي هيڊ ماستر نثار احمد سولنگي چيو ته تعليم ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ اسڪولن ۾ فرنيچر نه هجي ته اها وڏي کوٽ آهي ۽ اسان جي تر جي ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر ۽ ڊي او تعليم جي ڪوششن سان فرنيچر آيو آهي. اهو اسان سردار محمد علي امر خان ٻگهيو جي هٿن سان فرنيچر تقسيم ڪنداسين. گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪري جو تعارف عبدالغفور زهراڻي تعارف پيش ڪيو پروگرام کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ محمد علي امر خان ٻگهيو چيو آهي ته اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش آهي ته تعليم کاتي کي مظبوط ڪري انهن کي گهربل سهولتون ڏيون ان ڪري اسين فرنيچر جي کوٽ محسوس ڪئي ته اڄ فرنيچر ڏنواڳتي به گهربل سهولتون ڏينداسين. هن چيو ته تعليم آهي ته سڀ ڪجهه آهي . هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پ پ سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته ها۽اسڪول ڏوڪري هڪ وڏو ادارو آهي ۽ هن اداري کي اڃا مظبوط ڪنداسين ۽ گهربل سهولتون ڏينداسين. هن چيو ته ٻگهيا خاندان سردار حزب الله خان ٻگهيو هميشه ڏوڪري جي ڀلائي جا ڪم ڪيا آهن هن چيو ته سردار حزب الله خان ٻگهيو قبضہ گيرن کي ڀڃايو ۽ قبضن گيرن کي ڀڃايو. هن چيو ته ها۽اسڪول ڏوڪري کي جيڪي گهربل سهولتون آهن فراهم ڪيون وينديون. ۽ هن مين اسڪول کي سهولتن سان نوازيندا سين. آخر ۾ فرنيچر تقسيم ڪيو ويو.
_____
حڪومت سنڌ تعليم کاتي پاران تعلقي ڏوڪري جي 12اسڪولن لاءِ آيل فرنيچر جي ورهائڻ واري تقريب
Leave a comment