ڌ حڪومت پاران هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف هيلٿ سينٽر جا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ستين ڏينهن بہ سراپا احتجاج، او پي ڊي جو بائيڪاٽ مريض دربدر هڙتال سان پوليو جو بائيڪاٽ جو اعلان،
تفصيل موجب پيرا ميڊيڪل الائنس جي سڏ تي سنڌ حڪومت پاران هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ ستين ڏينهن بہ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري رورل هيلٿ سينٽر کان ريلي ڪڌي پريس ڪلب ٽنڊو ڄام اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ڊاڪٽر انیلا سومرو ۔ ڊاڪٽر نوید میمن ۔ ڊاڪٽر جبار بلوچ ۔ ڊاڪٽر دانش ۔ عرفان خانزادہ ۔ حسین بخش لغاري ۔ ممتاز راجپڙ ۔ فیروز گاڏاهي ۔ علي بخش منگسي ۔ شڪیل احمد خشڪ اور پولیو ورڪر غلام فاطمہ ۔ حسنہ رتڙ ۔ روبینا ۔ غلام سڪینہ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف فرنٽ لائين تي ڪم ڪري رھيا آھن، جنھن سبب اسان هر وقت رسڪ تي هوندا آهيون، صحت کاتي جا ملازم ڪورونا جي وبا هجي يا برساتي ٻوڏ جي سنگين صورتحال پنھنجون جانيون خطري ۾ وجھندي ٽٽي هجي يا ٿڌي چاهي موذي بيمارين کان بچاء لاءِ ويڪسين مھم هجي ايمرجنسي بنيادن تي ڏينھن رات ڊيوٽيون ڪرڻيون پون ٿيون، ان باوجود صحت کاتي جي ملازمن کي وڌيڪ سھولتون ڏيڻ بجاءِ اسان جو هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪري سنڌ حڪومت پاران تمام وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ حڪومت فوري طور ھيلٿ رسڪ الائونس ۽ يوٽيلٽي الائونس بحال ڪري صحت کاتي جي ملازمن ۾ وڌندڙ بيچيني کي ختم ڪيو وڃي، نہ تہ ٻي صورت ۾ اسان جا جائز مطالبا تسليم نہ ڪيا ويا تہ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. واضع رهي اڄ جي احتجاج ۾ پوليو جو بہ بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ٻئي طرف او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي سخت اذيت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيترائي مريض اها صورتحال ڏسي واپس هليا ويا.
ڌ حڪومت پاران هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف هيلٿ سينٽر جا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ستين ڏينهن بہ سراپا احتجاج،
Leave a comment