اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان سينئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي مذمت ڪندي سندس وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي
\مران خان ٽوئٽ بيان ۾ چيو ته ارشد شريف جي قتل تي صدمو پهتو آهي، ارشد شريف پنهنجي جان ڏئي سچ ڳالهائڻ جي قيمت ادا ڪئي
SHOCKED AT THE BRUTAL MURDER OF ARSHAD SHARIF WHO PAID THE ULTIMATE PRICE FOR SPEAKING THE TRUTH – HIS LIFE. HE HAD TO LEAVE THE COUNTRY & BE IN HIDING ABROAD BUT HE CONTINUED TO SPEAK THE TRUTH ON SOCIAL MEDIA, EXPOSING THE POWERFUL. TODAY THE ENTIRE NATION MOURNS HIS DEATH.
— IMRAN KHAN (@IMRANKHANPTI) OCTOBER 24, 2022
هن چيو ته ارشد شريف کي ملڪ ڇڏي پرڏيهه روپوش ٿيڻو پيو، اڄ سڄي قوم ارشد شريف جي قتل واري واقعي تي سوڳوار آهي
عمران خان چيو ته شاهدين جي بنياد تي مناسب عدالتي جاج ٿيڻ گهرجي، ارشدشريف سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي بي نقاب ڪندو هو ۽ سچ ڳالهائيندو هو