لاڙڪاڻو: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ اُم رباب جي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اُم رباب چيو آهي ته کيس يقين آهي ته قانون قاتل سردارن کي ڦاهي جي ڦندي تي ضرور لٽڪائيندو
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽرائيل ڪورٽ کي 29 آڪٽوبر تي جوابدارن تي فرد جرم لڳائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ٽرائيل ڪورٽ کي ڪيس جي ٻڌڻي روزانو جي بنياد تي هلائڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي
اُم رباب چانڊيو والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿي، عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اُم رباب چيو ته يقين آهي ته قانون قاتل سردارن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائي خون جو حساب وٺي ڏيندو
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي به ٽرائيل ڪورٽ کي ٽن مهينن اندر ڪيس جو فيصلو ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو
ڪيس ۾ پيپلز پارٽي ايم پي اي برهان چانڊيو، سردار چانڊيو ۽ ٻيا نامزد آهن