خبر موجب تيز برساتن ۽ طوفانن سبب سيتا روڊ جي رهائشي ٽن نابين ڀائرن جو اجهو ڪري پٽ ٿي پيو هاشم علي سڌير علي ۽ وزير علي اجهو ڪري پوڻ سبب سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ ۽ مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
نابين ڀائرن جي امڙ ٻڌايو ته ڪمائڻ وارو ڪو به ڪونه آهي ۽ پٽ نابين آهن ۽ برساتن سبب گهر به ڪري پيو آهي سر لڪائڻ لاء ڪا جڳه ڪونه بچي آهي هن وڌيڪ ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته اجهو ٺهرائي ڏئي سهائتا ڪئي وڃي.