خبر تفصيل موجب ڏوڪري تعلقي جي سياسي و سماجي اڳواڻ هر دل عزيز شخصيت محترم جناب پير بخش خان جوڻيجو صاحب پنهنجي ڳوٺ شير محمد جوڻيجو ۾ محفل ميلاد جو پروگرام ڪرايو، جنهن ۾ تعلقي ڏوڪري جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
هن محفل ميلادالنبي ﷺ جي ڪاروائي نوجوان لکيڪ ۽ اديب ساجد مسڻ هلائي. هن روحاني محفل ۾ ناليوارن عالمن جن ۾ حافظ مولوي محمد ملوڪ، حافظ قاضي تسليم جوڻيجو، حافظ غلام مرتضي’، حافظ غلام شبير، حافظ زاهد حسين جوڻيجو، حافظ محمد نعيم جوڻيجو سميت علائقي جي مشهور نعت خوانن مدد علي ميتلو، رستم علي سومرو، حافظ سڪندر علي عالماڻي، محمد موسي ۽ رستم فقير گاڏهي نعت رسول مقبول ﷺ عاشقن رسول ۾ پڙهي وڏو داد وصول ڪيو.
هن محفل ميلاد ۾ خطاب ڪندي حافظ محمد ملوڪ چيو ته پير بخش خان جوڻيجو صاحب وڏو خوشنصيب ۽ خوش قسمت امتي آهي جو هر سال محبوبِ خدا، سيدُ المرسلين، شافع المحشر، خير البشر احمد مجتبي محمد مصطفي ﷺ جن جو ميلاد مبارڪ وڏي عقيد و احترام سان ڪري ٿو،
اسان کي اميد آهي ته ساڻس هي روايت تا قيامت تائين جاري رهي. هن محفل ميلاد ۾ ميزبان پروگرام محترم پير بخش جوڻيجو صاحب، شهزادو رفيق جوڻيجو صاحب، مسعود احمد جوڻيجو صاحب، آفتاب احمد جوڻيجو ۽ ٻين آيل مهمانن کي گلن جا هار پارائيندي چيو ته اسان کي بيحد خوشي ٿي آهي جو ههڙا عالم سڳورا ۽ نعت خوان اسان وٽ اچن ٿا.
محفلِ ميلاد ۾ آيل سڀني عاشقانِ رسول کي ننگر کارايو ويو ۽ هن روحاني محفل جو اختتام درگاھ عاليه لواري شريف جي دستوري دعا شريف سان ڪيو ويو.
.