ميلبورن:آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي مها دنگل ۾ پاڪستان ٽيم روايتي حريف ڀارت کي مئچ کٽڻ لاءِ 160 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو آھي
آسٽريليا جي شهر ميلبورن جي ميدان تي هلندڙ مها دنگل ۾ پاڪستان ٽيم افتخار احمد ۽شان مسعود جي شاندار ففٽين جي مدد 8 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهي ورتيون
ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان، محمد نواز، آصف علي، شاداب خان خاطر خواهه ڪارڪردگي نه ڏيکاري نه سگهيا
مها دنگل ڏسڻ لاءِ ميلبورن جو ميدان مداحن سان ڀريل، ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڀارت کي پاڪستان خلاف نفسياتي برتري پڻ حاصل آھي
ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڪ-ڀارت مها دنگل ڏسڻ لاءِ مداحن جو جوش ڏسڻ وٽان، دادو ۾ ڪرڪيٽ جا مداح مئچ ڏسڻ لاءِ هوٽل تي موجود آھن
لاڙڪاڻي جي مختلف هوٽلز تي به ڪرڪيٽ جا مداح وڏي چاهه سان مئچ ڏسڻ لڳا ميهڙ جا ٻوڏ متاثر به مها مقابلو ڏسڻ کان پوئتي نه رهيا
ٻوڏ متاثرن جي مئچ ڏسڻ لاءِ وڏي رش نظر اچي رھي آھي، مداحن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي هاٽ فيورٽ قرار ڏئي ڇڏيو آھي
شان مسعود 52 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، افتخار احمد 4 ڇڪن جي مدد سان 32 بالن تي زبردست ڪٽڪو ڏئي 51 رنسون ٺاهي واپس موٽيو