علم دوست آفيسر شهاب الدين انڍڙ !! @ گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر .
مشتاق علي لنڊ
درسگاھن سان دل منھنجي
ڪتب خانو وطن منھنجو
ڪتابن ۾ دفن ٿيندس
ورق ٿيندا ڪفن منھنجو
تعليمي ادارا اھي مقدس جڳھيون آھن جتي قوم جي معمارن کي تعليم جي زيور سان سينگاري ، علم و فضيلت سيکاري ، بھتر تعليم وتربيت ڪري ملڪ جي مختلف ادارن لاء قابل ، اھل ۽ مھارت رکندڙ افراد مھيا ڪيا وڃن ٿا .
ممتاز تعليمي ماھر ، علم دوست ۽ ھر دل عزيز آفيسر سائين حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب پاران ، سکر جي نامور تعليمي اداري، گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر جو اوچتو دؤرو ڪيو ۽ تدريسي و انتظامي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو .
وکر سو وھاء ، جو پئي پراڻو نه ٿئي
ويچيندي ولات ۾ ، ذرو نه ٿئي ضايع
سا ڪا ھڙ ھلاء ، اڳھ جنھن جي ابھين .
گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر سماج کي ساڃاه وند پيڙھي ڏيڻ ، شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ روز روشن جيئان نمايان آھي. حقيقت ۾ اسان وٽ ”اسڪول“ بحثيت تعليمي ادارو Ph. d ڪرڻ لاء وڏو مواد موجود آھي ، ڇو ته اسڪول علم و ادب طور تي عھد ساز ۽ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪري رھيو آھي ۽ مسلسل ڪاميابيون ماڻيندو رھيو آھي . مختلف ادارن کي قابل افرادي قوت ۽ سماج کي خدمتگذار افراد مھيا ڪرڻ ۾ ھڪ سونھري تاريخ رقم ڪري رھي آھي .
گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر ۾ بھتر تعليم و تربيت سان گڏ ، تعليمي سيمينار ، ذھني آزمائش جا پروگرام ، تقريري ۽ تحريري مقابلا معمول آھن . اسڪائوٽ جون سرگرميون ، توڙي راند جي ميدان ۾ اسڪول ھميشه نمايان آھي . اداري جي سربراھن جي ڪاوشن ، استادن جي اڻٿڪ محنتن ۽ ٻارن جي حاصلات کي قلم وقرطاس تي آڻڻ جي سخت ضرورت آھي ان لاء قلم ڪارن ، تخليق ڪارن ۽ محققن کي عام دعوت ڏجي ٿي ته ، اسڪول جي ڪمن ، ڪارنامن ۽ خدمات تي جھجھي روشني وجھن .
جيسين علم سان پيار ھلندو
تيسين پيارا ھي سنسار ھلندو
ديس مٺو ترقي تڏھن ڪندو
جڏھن اسڪول ڏانھن ھر ٻار ھلندو .
صدين جي تھذيب ۽ تمدن جي سرواڻ ،سنڌ سونھاري ھميشه املھ ۽ ماڻڪ موتي ڪردارن کي جنم ڏنو آھي ، جيڪي مضبوط ايمان ، اعلي اخلاق ، بلند ڪردار ، وڏي ھمت ، عظيم حوصلي ، بھادري ۽ جرئت جا مالڪ ھوند آھن اھڙن عظيم انسانن ۾ سائين
حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب سر فھرست آھن .
ڪي ماڻھون تاريخ ٿين ٿا
گھايل ڌرتي جي سيني تي
اھڙي گھري چيخ ٿين ٿا
جا قومن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي
(شيخ اياز )
سائين حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب پنھنجي فڪري ، علمي ، ديني ، سماجي ، ۽ انتظامي خدمتن جي اعتبار سان ، ٻين انسانن ۽ آفيسرن لاء سنڌ ۾ عمده ۽ سھڻي مثال جي حيثيت رکندا آھن .
پيار وڏي شي آ
دلدار وڏي شي آ
ماڻھون ته مٽيء جو آ
ڪردار وڏي شي آ
سائين حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب معمول موجب صبح جو اسڪول وزٽ ڪندا آھن .آفيس جي ڪمن کي رات جو دير
تائين آفيس ۾ اسٽاف سميت مڪمل ۽ پوري ڪرڻ جي جستجو ۾ ھوندا آھن . انھن عظيم ڪارنامن کي ڏسي ، سڀني جو سائين لاء ادب ۽ محبت ڀريا جذبا پيدا ٿين ٿا .
ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو ، ارتقا رڪجي نه ٿي
زندگي جي آرزو ۾ ، جستجو ٿڪجي نه ٿي
ساٿيو سندرا ٻڌو ھلندا ھلو وڌندا ھلو
پاڻ ڇو بيھي رھون ؟ ، دنيا جڏھن بيھي نه ٿي .
(استاد بخاري )
سماج ۾ اھڙن عظيم ماڻھن کي خاص ادب ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو آھي . حافظ شھاب الدين صاحب سدائين ڪجھ وڌيڪ ڪم ڪندي نظر ايندا آھن ۽ ڪم ڪرڻ ۾ ٻين جي مدد ، رھنمائي ۽ ھمت افزائي به ڪندا رھندا آھن . سائين حافظ شھاب الدين انڍڙ کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ ممتاز بڻايو آھي. سائين جو ڪم سڀني کي نظر اچڻ لڳو آھي . ان محنت ۽ ڪم کيس ٻين کان منفرد ۽ اھم بڻايو آھي ، نتيجي ۾ ڪم جي مڃتا ۽ بدلي ۾ سڀني جي جيء ۽ ساھ ۾ سمايل آھن . سماج اھڙن املھ موتي ڪردارن جي عزت ڪرڻ لڳندو آھي ۽ اھي اھم ماڻھو بڻجي پوندا آھن .
جي خدمت ڪرڻ جو جذبو نه اٿئي اي طالب المولي
ته پوء مخدومي ڪو وڏو منصب ته ڪونھي .
(مخدوم طالب المولي)
حافظ شھاب الدين انڍڙ
وڏين انتظامي خوبين ۽ اعلي صلاحيتن جي ڪري ھر حوالي سان سنڌ جي ڊي۔ اي ۔ اوز ۾ ممتاز آھن . سائين حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب ھڪ ڪامياب منتظم جي حيثيت سان پنھنجن خدمتن ۽ ڪاوشن سان تعليمي ترقي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪري ھڪ سونھري تاريخ رقم ڪري رھيا آھن . حافظ شھاب الدين صاحب نون استادن جي مقرري جي مرحلي کي ميرٽ موجب جنھن انداز سان مڪمل ڪيو آھي، اھو سنڌ ۾ ھڪ مثال آھي .
حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب سماجي طور تي به ھڪ تمام سٺي سوچ رکندڙ ، انسان دوست ، ھمدرد ، ۽ سماج جا ھڏ ڏوکي آھن . پنھنجي ماتحتن ۽ دوستن سان مھربان ، شفيق ، محسن جيئان پيش ايندا آھن . ھر آئي وئي مطلب ته سڀني سان عزت و احترام سان ملڻ ۾ سائين جو ڪو به ثاني نه آھي .
حقيقت بياني گلا ٿي پوي ٿي
حقيقت پسندي ثنا ٿي پوي ٿي
ڪجي ڪيئن استاد ، ڪيڏانھن وڃجي ؟
حقيقت لڪائڻ خطا ٿي پوي ٿي .
اڄ تاريخ 10 آڪٽوبر تي ممتاز تعليمي ماھر سائين حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب
ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر
ايلمينٽري ،سيڪنڊري ۽ ھاير سيڪنڊري ايجوڪيشن ضلعه سکر اوچتو گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تعليمي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ تعليمي سرگرمين تي اطمينان جو اظھار ڪيو .
سائين حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب ، اسڪول جي سربراھ ۽ تعليم لاء درد دل رکندڙ سائين غلام شبير ميراڻي سان گڏ سڀني ڪلاسن جو معائنو ڪيو ، سڀني ڪلاسن جي ٻارن کان سوال پڇيا ۽ ٻارن کي اڳتي وڌڻ ۽ محنت ڪرڻ جو حوصلو ۽ اتساه ڏنو . پاڻ شاگردن جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪري ھمت افزائي ڪئي . ھر ڪلاس ۾ ٻارن کي خاص وقت ڏنو ، ٻارن کي مختلف سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ لاء کيس حوصلا ڏنا . سندس وزٽ سان سڀني ۾ ھڪ وڌيڪ محنت ۽ ڪم ڪرڻ جو جوش ، جذبو ۽ اتساه پيدا ٿيو آھي . پاڻ لائبريري ،ليبارٽريز ۽ ڪمپيوٽر ليب جو به تفصيلي معائنو ڪيو ۽ اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ اڃا بھتر بڻائڻ جون اھم تجويزون به ڏنيون ۽ خاص رھنمائي به ڪئي .
آخر ۾ پاڻ اسٽاف روم ۾ ھڪ ھر دل عزيز ۽ حقيقي تعليمي آفيسر طور استادن سان تعليمي ترقي ، استادن جون ذميواريون موثر درس و تدريس فرضن جي ادائيگي جي اھميت بابت پنھنجن ويچارن سان رھنمائي ڪئي . پاڻ وڌيڪ چيائون ته ڪڏھن به استاد ۽ شاگرد کي ڊسٽرب نه ڪرڻ گھرجي .سائين سچيون ۽ کريون ڳالھيون ڪري ، حقيقي تعليمي ترقي لاء رھنما اصول ٻڌايا ۽ پنھنجائپ جو ماحول جوڙي سڀني جي دلين ۾ تعليمي ترقي لاء اتساه پيدا ڪيو ۔
حافظ شھاب الدين انڍڙ الله تعالي جو عبادت گذار ۽ ان جي مخلوق جاخدمت گذار آھن .
کچھ اس طرح رہو کہ کریں لوگ آرزو
کوئی ایسا چلن چلو کے زمانہ مثال دے