ملڪي سياست ۾ متل مانڌاڻ ڪٿي ڇيهه ڪندي؟
واجد علي چانڊيو
سياسي ڇڪتاڻ، اھل ۽ نااھل هجڻ واري روايت سميت سياسي بحران جو ملڪي معيشت تي پوندڙ اثر ماضي کان ويندي تازو عمران خان جي نااھلي واري فيصلي تائين واضع آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي معيشت جي ڏيوالپڻي جو عذاب مھانگائي جي صورت ۾ ملڪ جي غريب عوام مٿان ئي ڪرندو اچي ٿو، ملڪ جي سياسي ڇڪتاڻ، آيل يا آندل حڪومتن خلاف لانگ مارچن ۽ ڌرڻن جي روايت ھن ملڪ جي معيشت کي ڪِرڻ ڪنڌي تي پهچائي، غريب عوام کان ٻن ويلن جي ماني بہ کسي ڇڏي آھي.
اچانڪ حڪومتن جو تبديل ٿيڻ، لانگ مارچن ۽ ڌرڻن سبب ملڪي خارجه پاليسي مٿان وڏو اثر پوي ٿو، جنھن ڪري دنيا ۾ ملڪي خارجه پاليسي متاثر ٿئي ٿي، نه صرف اِهو پر معاشي ڏيوالپڻي سميت اسٽاڪ ايڪسچينج تي ناڪاري اثرن ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان ڊالر آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ڊالر جي اگهه وڌڻ سان ئي اسان جي ملڪ ۾ ھر شيءِ جا ريٽ ٻيڻا ٿي وڃن ٿا، ملڪ ۾ مھانگائي جو نئون طوفان جنم وٺي ٿو ۽ ملڪ ۾ غريب طبقو اڃان بہ وڌيڪ غربت لڪير کان هيٺ اچي وڃي ٿو، ملڪ جي عوام جو وچولو طبقو پڻ متاثر ٿي، غربت جي لڪير ھيٺ مبتلا ٿيندو پيو وڃي، دنيا جي ٻن ملڪن ۾ ھلندڙ ھٿيارن واري جنگ ۾ بہ رياستون ايترو ڪمزو نہ ٿينديون ھونديون، جيتريون ڪمزور سياسي بحران ۾ ٿينديون آھن، ھن وقت پاڪستان قدرتي آفتن سان گڏ ھڪ سياسي بحران جو شڪار بڻيل آھي، قدرتي آفتون ۽ سياسي بحران ملڪ ۾ مھنگائي جو نئون طوفان آڻڻ جو خدشو ظاھر ڪري رھيون آھن، اڳ ئي ملڪ ۾ غربت مھانگائي ۽ بيروزگاري جو طوفان آيل آھي، ايندڙ وقت ۾ ملڪ جي سياسي بحران تي ضابطو نہ اچي سگھيو تہ ملڪي حالات خطرناڪ حد تائين پھچي سگھي ٿو، ھن وقت ملڪ جي معيشت تي سياسي ڇڪتاڻ ڪنھن دشمن ملڪ جي ائٽم بم جيان لامارا ڏئي رهيو آهي، ملڪ جي اندورني سياسي ڇڪتاڻ دنيا سان جُڙيل لاڳاپن تي اثرانداز ٿي رھي آھي، سياسي ڇڪتاڻ ملڪي سالميت لاءِ وڏو چيلينج بڻجي چڪي آھي.
سياسي ليڊرن کي هاڻ پنهنجي ڪرسي واري ويڙهه کان هٽي ڪري ملڪ ۽ قوم خاطر سوچڻ گهرجي، جيڪڏهن سياستدانن پنهنجي اها ئي روش برقرار رکي ته ملڪ ئي نه رهندو، ۽ خدانخواسته ملڪ ئي رهيو ته پوءِ سياست ڪٿي ۽ ڪيئن ڪندا؟ سو ٻين جي هٿن جي ڪٺپتلي بڻجي پنهنجي ملڪي ۽ قومي مفادن خلاف نه کيڏيو وڃي، ٻي صورت ۾ تاريخ کين معاف نه ڪندي.