ٽي شھر ۾ 3 مھينا اڳ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي مارجي ويل شھزاد خان دراني جي قتل ڪيس ۾ ٺٽو پوليس وڌيڪ ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جوابدار اعجاز لاشاري ولد نواز لاشاري کي پنجاب جي مظفر آباد مان گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جوابدار سيڪنڊ سول جج
ٺٽو جي عدالت ۾ پيش ڪري پريڊ شناخت ڪرائي جنھن بعد پوليس وڌيڪ جانچ لاءِ 2 ڏينھن جو رمانڊ حاصل ڪري ورتو. پوليس موجب شھزاد خان قتل ڪيس ۾ 2 جوابدار اڳ ۾ ئي گرفتار آھن، اعجاز لاشاري شوٽر آھي جنھن فائر ڪري شھزاد کي قتل ڪيو، پاڻ پنجاب جي شھر مظفر آباد جو رھواسي آھي جنھن کي مظفر آباد مان گرفتار ڪيو آھي.
ٽي شھر ۾ 3 مھينا اڳ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي مارجي ويل شھزاد خان دراني جي قتل ڪيس ۾ ٺٽو پوليس وڌيڪ ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

Leave a comment