پ ٽ الف تعلقو ڏوڪري جو سينيئر استاد محمد امين منگي جي ريٽائرمينٽ تي الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي. پ ٽ الف جي اڳواڻن استادن جي شرڪت. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول دريا خان مڱريو جي سينئير استاد سائين محمد امين منگي پنهنجي زندگيءَ جا 60سال پورا ڪري ريٽائر ٿيو آهي جنهن علم جي دولت سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مالا مال ڪيو. جنهن جي الوداعي تقريب. گورنمينٽ پرائمري اسڪول دريا خان مڱريو ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ استادن ۽ پنهنجي پرين پيارن شرڪت ڪئي. صدارت نياز حسين ٻگھيو. محمد امين منگي. مهمان خاص برڪت علي چنو. مهمان خاص ڊاڪٽر رياض احمد ابڙو. اعزازي مهمان شفيق احمد هيسباڻي. پ ٽ الف اڳواڻ مقصود منگي. نياز راڃپر. عبدالمالڪ ڪانڌڙو. عبدالمجيد مسڻ. اظهار ٻگهيو شامل آهن. پروگرام جي ڪارروائي ياسر منگي هلائي. تلاوت ڪلام پاڪ عبدالله ٻگهيو ڪئي جڏهن ته پروگرام جي ميزباني گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول دريا خان مڱريو جي هيڊ ماستر عمران ابڙو محمد علي ابڙو. ڏيرو اسرار احمد فاروق احمد. اظهار هليو اسحاق. بخسل ٿهيم وسيم ميمڻ ۽ ٻين آيل مهمانن کي ٽوپي اجرڪ پارايا ويا. ان موقعي تي پ ٽ الف تعلقه ڏوڪري جو صدر نياز حسين ٻگھيو چيو آهي ته سائين محمد امين منگي هڪ قابليت ۽ تجربيڪار استاد رهيو آهي جنهن مان اسان به ڪجهه حاصل ڪيو آهي هن چيو ته سائين محمد آمين منگي پنهنجي پيشي سان سچائي ايمانداري سان پنهنجي ڊيوٽي کي ٽائيم ڏنو ڪيترائي شاگرد اڄ به نوڪرين ۾ آهن اسين مبارڪون ڏيندي چئون ٿا ته خدا پاڪ هميشه ائين سائو رکي. ڊاڪٽر رياض حسين ابڙو چيو آهي ته سائين محمد امين منگي هڪ شفيق ۽ مهربان استاد رهيو هن اسان کي استاد سان گڏ والدين جهڙو پيار ڏنو اڄ اسان جيڪو ڪجهه آهيون سائين محمد امين منگي جي ڪري آهيون. پ ٽ الف اڳواڻ برڪت علي چنه چيو ته سائين محمد امين هڪ بهترين استادن مان هڪ استاد آهي جنهن اڪيلي سر اسڪول ۾ هوندي به اسڪول هلايو سندس جي استاد پيشي سان سچائي تي اسين سلام ڪيو ٿا. ان موقعي تي سندس پٿ ڪامران منگي اظهار منگي استاد مشتاق جوڻيجو زبير جکرو صحافي عبدالجبار ميمڻ ربنواز کوسو ٿهيم محلا جي شخصيت عبدالله ٿهيم. ننگر ٿهيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي.