راڻيپور ڀرسان يوسي گڏيجي جي مختلف ڳوٺن ۾ ميان اختر حسين پيرزادي، سمير حيدر جي اڳواڻي ۽ سندس جي تعاون ۽ پاڪ آرمي جي مدد سان متاثرن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو، بنا ڪنهن فرق جي پنھنجي ماروئڙن جي ڪم اچڻ ئي اصل عبادت آھي بغير سياسي فرق جي متاثر خاندان جي واھر ڪئي آھي. سجادہ نشين بودلا بھار سيوڻ شريف ميان اختر حسين پيرزاده
تفصيل موجب: يوسي گڏيجي جي مختلف ڳوٺن ۾ ميان سمير حسين پيرزادي جي تعاون سان پاڪ آرمي جي مدد سان ڳوٺ قيصر خان شاهاڻي، ڳوٺ مير خان شاھاڻي سميت مختلف ڳوٺن ۾ تقريبن 500 متاثر خاندان ۾ راشن ورھايو ويو جڏهن ته ميان سائين سمير حيدر ڳالهيندي چيو تہ ھي ڏکيو وقت ھو جيڪي اسان جي ماروئڙن تہ اچي ويو آهي اسان تہ فرض آھي تہ اسان کان جيترو ٿي سگھي پنھنجي ماڻھن جي ڏک ۾ ڪم اچون سجاده نشين بودلا بهار سيوڻ شريف ميان اختر حسين پيرزادي جي فرزند سمير حيدر وڌيڪ چيو تہ اسان مختلف ڳوٺن م پاڪستان آرمي جي مدد ۽ تعاون سان ماڻھن کي رليف ڏنو آھي انشاء اللہ اسان کان جيترو ٿي سگھندو عوام جي بنا فرق خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين . ميان اختر حسين پيرزاده جي فرزند ميان سمير حيدر چيو تہ بابا سائين پاڻ به ڏينھن رات ھڪ ڪري عوامي خدمت م مصروف آھن اسان بہ انھن جي حڪم تي جيترو ٿي سگھندو ماڻھن جي خدمت ڪنداسين انشاءالله اڳتي بہ پاڪ آرمي جي مدد سان ماڻھن کي سردي جو سامان وٺي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين.