پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي چيو آھي تہ امپورٽڊ حڪومت جيترو به زور لڳائي پي ٽي آء کي عوام کان عوام کي پي ٽي آء کان الڳ نه ٿي ڪري سگهي. پاڪستان جو باشعور عوام حقيقي آزادي واري جدوجھد ۾ عمران خان سان گڏ بيٺل آهي ۽ امپورٽڊ حڪومت پاران عمران خان خلاف کڻندڙ غيرقانوني قدم آڏو عوام بيٺل آهي. ھن اھڙيون ڳالھيون انصاف ھائوس ملٽري روڊ ۾ پارٽي عهديدارن کي ڪوٺايل اجلاس دوران خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي اڳواڻ حاجي ديدار جتوئي خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. اجلاس دوران تنظيم سازي جي حوالي سان غور ويچار پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ پي ٽي آء جي چيئرمين عمران خان سان اظھار يڪجھتي ڪندي مبين جتوئي چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ امپورٽڊ حڪومت جي دشمن پاليسين جي مذمت ڪئي وئي. ھن چيو ته پي ٽي آء جو لانگ مارچ ضرور نڪرندو ۽ اھو لانگ مارچ ملڪ جو تاريخي لانگ مارچ ثابت ٿيندو.