اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عمران خان هاڻي قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو، عمران خان جو جمع ڪرايل جواب درست نه هو، عمران خان
اليڪشن ڪميشن طرفان فيصلو ٻڌائڻ لاءِ فول پروف سڪيورٽي طلب ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا
پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل پڻ موڪليا ويا
اسلام آباد انتظاميا ايس ايس پي جي نگراني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا، جنهن ۾ هڪ ايس ايس پي، 5 ايس پيز، 6 ڊي ايس پيز سميت 1150 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس سان گڏ ايف سي ۽ رينجرز جا اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن
اليڪشن ڪميشن ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي به پابندي لڳائي وئي
پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي اليڪشن ڪميشن پهچڻ نه ڏنو ويندو
بدعنواني ۾ ملوث رهيو آهي، سندس قومي اسيمبلي واري سيٽ کي خالي قرار ڏنو ٿو وڃي